21 جمعو , سيپٽمبر 2018

نيوز: بدين: سيشن جج عورت جو ويم نه ڪرائڻ جو نوٽيس ورتو، رپورٽ طلب

Badin: Session judge took notice on not checking up woman, demands report* بدين جي سيشن جج عورت جو ويم نه ڪرائڻ واري معاملي جو نوٽيس وٺندي ڊي ايڇ او ۽ اسپتال جي انچارج کان رپورٽ طلب ڪري ورتي آهي.

انڊس اسپتال ۾عورت جو ويم نه ڪرائڻ واري خبر عوامي آواز ۾شايع ٿيڻ بعد ڊسٽرڪٽ سيشن جج بدين جاويد احمد بلوچ سختي سان نوٽيس ورتو آهي.

سيشن جج انڊس اسپتال بدين جي انچارج ۽ ڊي ايڇ او ھيلٿ بدين کان انڊس اسپتال جي ڊاڪٽرياڻين پاران عورت جو ويم نه ڪرائڻ واري معاملي تي ٽن ڏينھن ۾رپورٽ طلب ڪري ورتي آھي.

ياد رھي ته ٽنڊي باگي جي ناري نزحت سھيل کي گذريل ڏينھن وارث ويم لاءِ انڊس اسپتال کڻائي ويا ھئا جتي ڊاڪٽرياڻين عورت جو ويم نه ڪرايو هو

هي به ڏسي سگهو ٿا

Jhol: Tribute to martyrs of karbala

نيوز: جهول: مرڪزي امام بارگاهه انجمن سجاديه مان جلوس برآمد

*جهول ۾ مرڪزي امام بارگاه انجمن سجاديه مان جلوس برآمد ٿيو جيڪو پنهنجي منزل طرف …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے