22 آچر , جولاءِ 2018

عام چونڊن ۾ تير تي تير هلندو، مخالف شڪست لاءِ تيار ٿي وڃن: بلاول

ڪراچي( ويب ڊيسڪ ) پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري چونڊ مهم ڪاميابي سان هلائڻ لاءِ حڪمت عملي واضح ڪندي چيو آهي ته خيبر کان ڪراچي تائين اليڪشن مهم شروع ڪري ڇڏي آهي، 2018ع جي چونڊن ۾ تير تي تير هلندو. عام چونڊن جي سلسلي ۾ سياسي پارٽين تياريون تيز ڪري ڇڏيون آهن. پ پ به چونڊ مهم جي باقاعده شروعات ڪري ڇڏي آهي. پ پ جي ترجمان چيو ته عام چونڊن لاءِ چئني صوبن ۾ عوامي رابطا ۽ جلسا ڪيا ويندا، جڏهن ته جلسن کي بلاول ڀٽو زرداري ۽ پ پ جو شريڪ چيئرمين آصف علي زرداري خطاب ڪندو. ترجمان چيو ته بلاول ڀٽو زرداري طرفان ناراض ڪارڪنن کي پرچائڻ لاءِ سينئر اڳواڻن کي ذميواري ڏني وئي آهي. بلاول ڀٽو زرداري چيو ته اسان خيبر کان ڪراچيءَ تائين چونڊ مهم جي شروعات ڪري ڇڏي آهي، مخالفن بري شڪست لاءِ تيار ٿي وڃن، 2018ع جي چونڊن ۾ تير تي تير هلندو.

هي به ڏسي سگهو ٿا

Rangers in different cities, 7 suspects arrested, weapons hand

رينجرز جون مختلف شهرن ۾ ڪاروائيون، 7 جوابدار گرفتار، هٿيار هٿ

ڪراچي(ويب ڊيسڪ) رينجرز طرفان صوبي جي مختلف شهرن ۾ ڪاروائيون ڪيون ويون جنهن جي نتيجي …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے