16 سومر , جولاءِ 2018

اڳوڻي ناڻي واري وزير اسحاق ڊار جي نئين ميڊيڪل رپورٽ سپريم ڪورٽ ۾ جمع

اسلام آباد ( ويب ڊيسڪ ) اڳوڻي ناڻي واري وزيراسحاق ڊار سينيٽ جي چونڊن ۾ نااهلي ڪيس ۾ سپريم ڪورٽ ۾ نئين ميڊيڪل رپورٽ جمع ڪرائي ڇڏي آهي.  ڊاڪٽرن جو چوڻ آهي ته مناسب هوندو ته اسحاق ڊار جي فزيو ٿراپي کي وڌيڪ 8 هفتن تائين جاري رکيو وڃي.  اڳوڻي ناڻي واري وزير اسحاق ڊار خلاف سينيٽ جي چونڊن ۾ نااهلي ڪيس جي ٻڌڻي سپريم ڪورٽ ۾ ٿي.  ان موقعي تي اسحاق ڊار جي وڪيل طرفان نئين ميڊيڪل رپورٽ سپريم ڪورٽ ۾ جمع ڪرائي وئي آهي. نئين جمع ڪرايل رپورٽ موجب فزيو ٿراپي سان اسحاق ڊار جي مرض ۾ 10 کان 15سيڪڙو بهتري ٿي آهي پر سندس ٻانهن ۾ تڪليف برقرار آهي. ميڊيڪل رپورٽ ۾ ڊاڪٽرن چيو ته اسحاق ڊار جي ڳچيءَ جي ڳچيءَ جي چرپر به محدود ٿي آهي جنهن سبب هو بي سڪوني محسوس ڪري رهيو آهي، مناسب هوندو ته اسحاق ڊار جي فزيو ٿراپي کي وڌيڪ 8 هفتا جاري رکيو وڃي. ڊاڪٽرن جي رپورٽ موجب 8 هفتن جي فزيو ٿراپي سٺو فيصلو هوندو ، ٻن هفتن بعد اسحاق ڊار جي نئين ايم آر آءِ ٿيندي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

معيشت جي خراب صورتحال، ناڻي بابت نگران وزير طرفان آءِ ايم ايف جو در کڙڪائڻ جو اشارو

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) ناڻي بابت نگران وزير چونڊن کانپوءِ آءِ ايم ايف جو نئون …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے