20 خميس , سيپٽمبر 2018

ممبئيءَ ۾ طوفاني برسات، مخلتف حادثن ۾ 4 ڄڻا فوت

Tropical rainfall in Mumbai, 4 dead in accidental accidentsممبئي(ويب ڊيسڪ) ڀارت جي سامونڊي شهر ممبئي ۾ جاري طوفاني برساتن سبب مختلف حادثن ۾ 4 ڄڻا فوت ٿي ويا. پرڏيهي خابرو اداري جي رپورٽن موجب ممبئي ۾ لاڳيتو 24 ڪلاڪن کان جاري طوفاني برساتن سبب نظام مفلوج بڻجي ويو آهي، شهر جي هزارين اسڪول ۽ آفيسون بند آهن جڏهن ته اهم روڊ تلاءُ جو ڏيک ڏئي رهيا آهن. ميڊيا جي رپورٽن موجب نشيبي علائقن ۾ پاڻي گهرن ۾ داخل ٿي ويو جڏهن ته سخت برساتن سبب هڪ رهائشي عمارت جو ڪجهه حصو پڻ ڪري پيو. جنهن جي نتيجي ۾ هيٺ بيٺل گاڏين کي نقصان پهتو جڏهن حادثي جي نتيجي ۾ ڪو به جاني نقصان ناهي ٿيو. ڀارتي ميڊيا جو چوڻ آهي ته برساتن سبب هن وقت تائين ٿيندڙ مختلف علائقن ۾ ٿيندڙ حادثن ۾ 4 ڄڻا فوت ٿي چڪا آهن. ڀارت جي موسميات واري کاتي جي اختيارين موجب ممبئي ۾ 24 ڪلاڪن جي دوران 231 ملي ميٽر کان  وڌيڪ برسات ريڪارڊ ڪئي وئي آهي جڏهن شهر ۾ وڌيڪ برسات پوڻ جو امڪان آهي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

ڀارت ۾ پيٽرول ۽ ڊيزل جي قيمتن ۾ واڌ

 نئين دهلي(ويب ڊيسڪ) ڀارت ۾ پيٽرول ۽ ڊيزل جي اگهن ۾ ڇهين ڏينهن به اضافو …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے