18 اربع , جولاءِ 2018

ذلفي بخاري  نيب راولپنڊي ۾ پيش، 27 جون تي ٻيهر طلب

راولپنڊي ( ويب ڊيسڪ ) تحريڪ انصاف چيئرمين عمران خان جي ويجهي دوست ذلفي بخاري نيب ۾ بيان قلمبند ڪرائي ڇڏيو، کيس اربع تي ٻيهر طلب ڪيو ويو آهي. پي ٽي آءِ چيئرمين عمران خان جو ويجهو دوست ذلفي بخاري آف شور ڪمپنيز جي جاچ جي سلسلي ۾ قومي احتساب بيورو ۾ پيش ٿيو. ذلفي بخاري کان نيب ۾ ڏيڍ ڪلاڪ تائين پڇاڳاڇا ڪئي وئي.  نيب ذلفي بخاري کي هڪ دفعو ٻيهر 27 جون تي پيش ٿيڻ جي هدايت ڪئي. ذلفي بخاري ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته نيب کيس ٻيهر طلب ڪيو ته پيش ٿيندو. هن چيو ته هو پهريون ئي چڪو آهي ته سندس نالو اي سي ايل نه پر بليڪ لسٽ ۾ شامل هو.

هي به ڏسي سگهو ٿا

بلاول کي مسئلن جي ڪهڙي خبر، زرداري به جلد اڊيالا ويندو: عمران خان

جيڪب آباد (ويب ڊيسڪ) تحريڪ انصاف سربراهه عمران خان چيو آهي ته آصف زرداري ۽ …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے