20 خميس , سيپٽمبر 2018

نيوز: کپرو: جي ڊي اي ڇٽل ڪارتوسن جو  ٽولو آهي: پ پ اڳواڻ نويد ڏيرو

Khipro: JDA is free evil: PPP Leader Naveed dero*پ پ اڳواڻ اين اي 215 تان اميدوار نويد ڏيري چيو آهي تھ جي ڊي اي ڇٽل ڪارتوسن جو  ٽولو آهي، جيڪو اليڪشن کان پوءِ گم ٿي ويندو.

کپري ۾  پ پ اميدوار نويد ڏيري  يوسي چوٽياريون، يوسي ڍورو جانب، يوسي ڪوٽ نواب ۾ مختلف هنڌن تي مختلف برادرين سان تعزيتون ڪيون.

 ان موقعي تي هن ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو تھ پيپلزپارٽي تي الزام هڻندڙ ٻڌائن ته هنن پنهنجي دور حڪومتن ۾ ڇا ڪيو.

 هڪ سوال جي جواب ۾ نويد ڏيري  چيو ته سانگهڙ ضلعو ھاڻي پيپلزپارٽي جو قلعو بڻجي ويو آھي، مخالف ڪوڙيون دعوائون ڪن ٿا.

هن چيو ته سانگهڙ ضلعي ۾ اڳ به رڪارڊ ترقياتي ڪم ڪرايا آھن ڪامياب ٿي بنا ڪنهن فرق جي  هو عوام  جي خدمت ڪندو.

 ان موقعي تي پ پ اڳواڻ محمد يونس ڪيريو، حاجي صادق بڙدي، انور بگٽي، رمضان ڪنڀر، عطا الله ڪنڀر، ۽ ٻيا ساڻس گڏ هئا

هي به ڏسي سگهو ٿا

Hala: Tribute to the martyrs of Karbala

هالا: ڪربلا جي شهيدن کي ڀيٽا ڏيڻ جو سلسلو جاري

هالا: ڪربلا جي شهيدن کي ڀيٽا ڏيڻ جو سلسلو جاري

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے