23 آچر , سيپٽمبر 2018

اليڪشن ڪميشن عام چونڊون ملتوي ڪرڻ جون درخواستون رد ڪري ڇڏيون

The decision to make candidate details by the Election Commissionاسلام آباد ( ويب ڊيسڪ ) اليڪشن ڪميشن عام چونڊون ملتوي ڪرڻ بابت ٽئي درخواستون رد ڪري ڇڏيون آهن. چيف اليڪشن ڪمشنر جي سربراهيءَ ۾ عام چونڊون ملتوي ڪرڻ بابت درخواستن جي ٻڌڻي ڪئي وئي. ٻڌڻي دوران وڪيل ڪامران مرتضيٰ پنهنجي دليلن ۾ چيو ته اسان چونڊن ۾ دير نه ٿا چاهيون، ملڪ ۾ چونڊون هڪ ئي ڏينهن ٿيڻ گهرجن. هن چيو ته  هڪ ڏينهن اليڪشن ڪرائڻ جو مقصد اهو آهي ته ڪو اثرانداز نه ٿي پر ننڍي چونڊ جا مثال موجود آهن جنهن جي حڪومت هجي اهو ئي چونڊن ۾ ڪاميابي حاصل ڪندو آهي. سندس چوڻ هو ته جيڪڏهن بنا بحث جي آئيني ترميم ٿيندي ته اهڙا ئي مسئلا پيدا ٿيندا، فاٽا وارن کي هڪ آئيني حق آهي ته پنهنجي چونڊيل نمائندن کي چونڊين. چيف اليڪشن ڪمشنر چيو ته فاٽا ۾ نيون تڪبنديون ٿيون آهن، فاٽا ۽ اسلام آباد جي هڪ تڪبندي ڪميٽي جوڙي وئي هئي. ان موقعي تي اليڪشن ڪميشن جي ڪي پي جي ميمبر مسز ارشاد قيصر چيو ته فاٽا جي قومي اسيمبليءَ جي سيٽن تي چونڊون ٿيڻ وڃي رهيون آهن. اليڪشن ڪميشن دليل ٻڌڻ بعد عام چونڊون ملتوي ڪرڻ بابت درخواستون رد ڪري ڇڏيون.

هي به ڏسي سگهو ٿا

شاهه محمود قريشي گڏيل قومن ۾ ڪشميرين جي حق لاءِ آواز اٿاري: مشعال ملڪ

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) حريت اڳواڻ ياسين ملڪ جي گهرواري مشعال ملڪ چيو آهي ته …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے