24 سومر , سيپٽمبر 2018

پاپ موسيقي جي بادشاهه مائيڪل جيڪسن کي مداحن کان وڇڙئي 9 ورهيه وهامي ويا

نيويارڪ (شوبز نيوز)پاڪ موسيقي جي بادشاهه مائيڪل جيڪسن کي مداحن کان وڇڙي 9 ورهيه وهامي ويا. پاپ موسيقي جي شهنشاهه مائيڪل جيڪسن جي اڄ نائين ورسي ملهائي پئي وڃي، پنهنجي منفرد انداز سان پاپ موسيقي تي اڻ مٽ نشان ڇڏيندڙ مائيڪل جيڪسن 1958ع ۾ آمريڪي شهر گيري ۾ پيدا ٿيو ۽ 5 سالن جي عمر ۾ ئي موسيقي جي دنيا ۾ قدم رکيو هن پنهنجي فني ڪيريئر جو آغاز 1964ع ۾ پنهنجن ڀائرن جي پاپ گروپ جيڪسن فائيو کان ڪيو جنهن جو پهريون ميوزڪ البم “آءِ وانٽ يو بيڪ” هيو جنهن سموري دنيا ۾ مشهوري ماڻي ۽ سڀني کي پنهنجو ديوانو بڻايو، پاپ موسيقي جي تاريخ ۾ پريسلي بعد مائيڪل جيڪسن ئي اهو نالو آهي جنهن موسيقي جي دنيا ۾ عالمي شهرت ماڻي، هن ننڍي عمر ئي پنهنجو نالو مشهور ڪري ورتو هو، هن جي جسماني ٽيڪنڪ جديد ڊانس جي ڪلچر ۾ هڪ انقلاب آندو، گنيز بڪ آف ورلڊ ريڪارڊ ۾ مائيڪل جيڪسن کي تاريخ جو ڪامياب ترين انٽرٽينر قرار ڏنو ويو آهي. اڄ تائين هن جي مختلف البمن جون 75 ڪروڙ کان مٿي ڪاپيون وڪامجي چڪيون آهن. هن جي ميوزڪ البم” ٿرل“ ڪاميابي جا رڪارڊ ٽوڙي ڇڏيا، هن جا 16 البم اڄ به مارڪيٽ ۾ موجود آهن . ڏينهنون ڏينهن سندس وڌندڙ مقبوليت کي ڏسي مخالفن هن جي خلاف سازشون شروع ڪري ڏنيون. 1993 ۾ مائيڪل جيڪسن مٿان هڪ ٻار سان زيادتي جي الزام لڳايو ويو. جيڪو ڪيس هن تي 5 سالن تائين هلندو رهيو. مائيڪل جيڪسن ٻه شاديون ڪيون. هڪ ايلوس پريسلي جي ڌيءَ ليزا ميري پريسلي سان، جڏهن ته ٻي شادي ڊيبورن جيني روو سان ڪيائين. مائيڪل جيڪسن پنهنجي پهرين سولر البم آف دي وال ذريعي پاپ موسيقي جي دنيا ۾ الڳ سڃاڻپ ٺاهي، 1982ع ۾ ان جي هڪ ٻئي البم ٿرلر  پاڪ موسيقي جي دنيا ۾ ٿرٿلو  مچائي ڇڏيو ۽ هر هڪ جي زبان تي مائيڪل مائيڪل هيو جنهن کي سڄي دنيا ۾ سڀ کان وڌيڪ وڪرو ٿيندڙ  البم  قرار ڏنو ويو، مائيڪل جيڪسن جي آواز سان ان جي انوکي ڊانس اسٽائلز به عالمگير مقبوليت حاصل ٿي  جنهن جو ”مون واڪ“ نالي ڊانس اسٽائل ان جي سڃاڻپ بڻجي ويو، ٿرلر، بيٽ اٽ، بيڊ، ڊينجرس ۽ بلي جينز جهڙا بلاڪ بسٽر ميوزڪ البم ڏيندڙ مائيڪل هڪ حمد الله ٽو ٿئينڪس گو به رڪارڊ ڪرايو جنهن سان ان جي اسلام قبول ڪرڻ جي افواهن جنم ورتو، ڪنگ آف پاپ ميوزيڪ مائيڪل جيڪسن سال 2009 ۾ دل جي بيماري سبب لاڏاڻو ڪيو. جڏهن ته پنهنجن گانن جي صورت ۾ هو صدائين پنهنجن چاهيندڙن جي دلين ۾ جيئرو رهندو.

هي به ڏسي سگهو ٿا

Hussain criticizes Altaf Hussain to use ashes for Asia Cup squash Asian Games

ايشيا ڪپ بجاءِ ايشين گيمز جو هيش ٽيگ استعمال ڪرڻ تي مداحن طرفان ماورا حسين تي سخت تنقيد

لاهور( شوبز نيوز ) لالي ووڊ جي ناليواري اداڪارا ماورا حسين ايشيا ڪپ ۾ پاڪستان …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے