24 سومر , سيپٽمبر 2018

واجد ضياءَ بيان ۾ راءِ ڏئي اثرانداز ٿيڻ جي ڪوشش ڪندو آهي: خواجه حارث

اسلام آباد ( ويب ڊيسڪ ) احتساب عدالت نيب ريفرنسز ۾ اڳوڻي وزيراعظم نواز شريف ۽ سندس نياڻي مريم نواز جي حاضري کان ڇوٽ جي درخواست منظور ڪري ورتي آهي. احتساب عدالت ۾ ايون فيلڊ ريفرنس جي ٻڌڻي دوران اڳوڻي وزيراعظم نواز شريف جي وڪيل  خواجه حارث دليل ڏيندي چيو ته جي آءِ ٽي رپورٽ نه قبولڻ جوڳي شاهدي آهي. ايون فيلڊ ريفرنس جي ٻڌڻي احتساب عدالت جي جج مهمد بشير ڪئي. نواز شريف جي وڪيل خواجه حارث پنهنجي دليلن جو سلسلو جاري رکيو. خواجه حارث طرفان نواز شريف ۽ مريم نواز طرفان حاضري کان ڇوٽ جي درخواست ڪئي وئي. ٻڌڻي دوران جج محمد بشير پڇاڻو ڪيو ته جوابدارن مان هڪ به نظر نه اچي رهيو آهي، جنهن تي خواجه حارث چيو ته ڪيپٽن صفدر ٿوري دير ۾ پيش ٿي ويندو جڏهن ته نواز شريف ۽ مريم نواز پرڏيهه ملڪ آهن، ڇوٽ جي درخواست جمع ڪرائڻي آهي.  هن چيو ته بيگم ڪلثوم نواز جي 22 جون جي ميڊيڪل رپورٽ جي پرنٽ وٺڻي آهي. سندس چوڻ هو ته پاناما جي آءِ ٽي جو سربراهه ۽ نيب جو شاهد واجد ضياءَ بيان ۾ ڏئي اثرانداز ٿيڻ جي ڪوشش ڪندو آهي.  خواجه حارث چيو ته جي آءِ ٽي رپورٽ ۾ دبئي کان سعودي اسڪريپ مشينري منتقلي جي حوالي سان ڳالهه ٻولهه ڪئي وئي، نيب گڏيل عرب امارات کي ايل ايل اي لکيو جنهن جو يو اي اي جي گورنمينٽ جواب ڏنو، سمورين شين ۾ جي آءِ ٽي پنهنجي راءِ ۽ تبصرا ڏنا جيڪي نه قبولڻ جوڳيون شاهديون آهن.  هن چيو ته واجد ضياءَ بيان ۾ راءِ ڏئي اثرانداز ٿيڻ جي ڪوشش ڪندو آهي.  ٻڌڻي دوران ڪجهه حارث بيگم ڪلثوم نواز جي طبي رپورٽ پيش ڪندي چيو ته اڳوڻي وزيراعظم جي گهر واري جي طبيعت ڳڻتي جوڳي آهي، نواز شريف ۽ مريم نواز عدالت ۾ پيش نه ٿا ٿي سگهن، عدالت کي درخواست آهي ته حاضري کان ستن ڏينهن جي ڇوٽ ڏني وڃي. عدالت نواز شريف جي درخواست منظور ڪندي کيس 3 ڏينهن لاءِ حاضري کان آجو قرار ڏئي ڇڏيو.

هي به ڏسي سگهو ٿا

Sobho dero, Motorcycle Racing, Escape , Emperor

خورشيد شاهه خلاف آمدني کان وڌيڪ اثاثن جي جاچ شروع

ڪراچي ( ويب ڊيسڪ ) قومي احتساب بيورو پ پ اڳواڻ خورشيد شاهه خلاف آمدني …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے