21 جمعو , سيپٽمبر 2018

آمريڪي راڳي نڪ جوناس پريانڪا سان گهاٽي دوستيءَ جي تصديق ڪري ڇڏي

American Singer nick jonas confirmed Pranais with a great friendshipممبئي(شوبز نيوز) آمريڪي راڳي نڪ جوناس باليووڊ سندري پريانڪا چوپڙا سان گهاٽي دوستي جي تصديق ڪري ڇڏي. ڀارتي ميڊيا جي رپورٽن موجب آمريڪي راڳي نڪ جوناس ۽ باليووڊ اداڪارا پريانڪا چوپڙاجي وچ ۾ گهري دوستيءَ جا چرچا گذريل ڪيترن ئي ڏينهن کان ميڊيا جي زينت بڻيل آهن. ممبئي جي نئين گهر ۾ پارٽيءَ جي خوشي ۾ ٻئي ممبئي پهتا آهن، گذريل ڏينهن پريانڪا پنهنجي امڙ ۽ نڪ جوناس سان گڏ ممبئي جي مهانگي ريسٽورنٽ ۾ رات جي ماني لاءِ پڻ  گڏ ويا هئا.  راڳي طرفان ادڪارا سان گهري دوستي جي تصديق ان وقت سامهون آئي جڏهن نڪ جوناس طرفان انسٽاگرام تي هڪ ويڊيو شيئر ڪئي وئي جنهن ۾ هو پنهنجي محبت جو اظهار ڪندي نظر اچي رهيو آهي. ياد رهي ته ٻنهي جي ملاقات گذريل سال ميٽ گالا ۾ ٿي هئي جتي هن گڏجي ريڊ ڪارپيٽ تي جوهر ڏيکاريا هئا، جڏهن ته راڳي نڪ اداڪارا پريانڪا کي عمر پورا ڏهه ورهيه ننڍو آهي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

The film debates on the film 'thugs of hindostan' at the beginning of the role of Amitabh Bachchan

فلم ٺگز آف هندوستان ۾اميتاڀ بچن جي ڪردار جي پهرين جهلڪ جاري

ممبئي ( شوبز نيوز ) بالي ووڊ جي ايندڙ وڏي بجيٽ واري فلم” ٺگز آف …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے