25 اڱارو , سيپٽمبر 2018

سينيئر فنڪارن کي نظر انداز ڪرڻ سٺي روايت ناهي: جيا علي

It is not good to ignore senior artists: jiya aliلاهور(شوبز نيوز) لاليووڊ اداڪارا ۽ ماڊل جيا علي چيو آهي ته باليووڊ ۽ هاليووڊ ۾ سينيئرن کي وڌيڪ عزت ۽ احترام ڏيڻ سان گڏ انهن لاءِ خاص ڪردار تخليق ڪيا ويندا آهن جڏهن ته اسان وٽ سينيئرن کي نظر انداز ڪيو ويندو آهي، جڏهن ته سينيئر فنڪارن کي نظر انداز ڪرڻ سٺي روايت ناهي. ميڊيا سان ڳالهائيندي جياعلي چيو ته مزاحيه ۽ ميوزيڪل فلمن ۾ وقت جون اهم ضرورت آهي. نئين ٽيلنٽ جو ڪم ڏسي خوشي ٿيندي آهي ۽ نوجوان فلم فلمساز سٺيون ۽ معياري فلمون پروڊيوس ڪري رهيا آهن. جيستائين ڳالهه پنهنجي اداڪاري جي آهي ته منهنجو واسطو پاڪستان فلم انڊسٽري سان آهي ۽ سٺو ڪردار آفر ٿيو ته ضرور ڪم ڪنديس. جيا علي چيو ته هڪ جهڙي ڪهاڻي ۽ هڪ جهڙين ڪردارن کي مختلف نالين سان گڏ ورهين تائين ڏيکارڻ وارو دور گذري چڪو. باڪس آفيس تي ڪاميابي ان کي ئي ملندي جيڪو فلم بينرن جي روٽين کان هٽي ڪري ڪجهه ڏيکاريندو. ماضي ۾ فلم انڊسٽري لاءِ ڪا به پلاننگ نه ڪئي وئي هئي انڪري مشڪلاتن جو شڪار ٿئي وئي. جديد ٽيڪنالوجي فلم ميڪنگ کي آسان ٺاهڻ سان گڏ ان جي معيار کي بهتري ڪيو آهي. اداڪارا چيو ته نوجوان تجربيڪار نه هئڻ باوجود سٺيون فلمون ٺاهڻ لاءِ محنت ڪري رهيا آهن، پر ڪجهه ڪمزوريون ۽ خاميون آهن. جيڪڏهن اهڙيون ڪوششون ڪندا رهيا ته تمام جلد ان تي قابو حاصل ڪري وٺندا. هڪ سوال جي جواب ۾ جيا علي چيو ته سينيئرن اسان لاءِ اڪيڊمي جو درجو رکن ٿا، انهن جي تجربي مان فائدو حاصل ڪرڻ گهرجي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

ٺگس آف هندوستان ۾ عامر خان فرنگي ملاح جي روپ ۾ نظر ايندو

ممبئي ( شوبز نيوز ) بالي ووڊ جي وڏي فلم” ٺگس آف هندوستان“ جو سڀني …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے