18 اربع , جولاءِ 2018

کنڀيلن بابت خاص سيل، جيئرا ناهن ته ٻڌايو، يقين آهي ته منهنجن ادارن وٽ ناهن: چيف جسٽس

ڪراچي (رپورٽر)  سپريم ڪورٽ ۾کنڀي گم ڪيلن بابت پاڻمرادي نوٽيس جي ٻڌڻي، سپريم ڪورٽ گم ڪيل ماڻهن بابت خاص سيل قائم ڪري سمورين درخواستن تي ڪارروائي جو حڪم ڏئي ڇڏيو، سپريم ڪورٽ ڪراچي رجسٽريءَ ۾ گم ڪيل ماڻهن بابت پاڻمرادو نوٽيس ڪيس جي ٻڌڻي  ٿي.گم ڪيل ماڻهن جي وارثن جو وڏو انگ سپريم ڪورٽ ٻاهران جمع ٿي ويو پر پوليس کين اندر وڃڻ کان روڪي ڇڏيو. گم ڪيل ماڻهن جي وارثن پوليس خلاف نعريبازي ڪئي. عورتن ۽ ٻارڙن سميت گم ڪيل ماڻهن جي وارثن تصويرون کڻي احتجاج ڪيو ۽  پنهنجي پيارن جي آزادي لاءِ نعريبازي ڪئي. گم ڪيل ماڻهن جي وارثن اوڇنگارون ڏيندي دانهون ڪيون ته جيڪڏهن اسان جا پيارا مري ويا آهن ته اسان کي ٻڌايو وڃي، اسان جا پيارا ڪيترن ئي سالن کان گم آهن، اسان کي انهن بابت ڪا به خبر ناهي، هر انصاف جو در کڙڪايو هاڻي ڪنهن جي در تي وڃون. ٻڌڻي شروع ٿي ته چيف جسٽس هر گم ڪيل ماڻهو جي هڪ هڪ وارث کي عدالت ۾ طلب ڪيو.  درخواستگذار سورٺ لوهار، نيلم، تنوير آريجو ۽ شيعا اڳواڻ جي وارثن عدالت جي روبرو پيش ٿي ٻڌايو ته سندس ته سندس پيارا وڏي عرصي کان گم آهن، ان دوران ٻين عورتن اوڇنگارون ڏئي روئڻ شروع ڪيو جنهن تي عدالتي ڪمري ۾ گوڙ ۽ رڙيون شروع ٿي ويون،  متاثرن الزام هنيو ته سندن عزيز ڳجهن ادارن وٽ آهي. چيف جسٽس شهرين کي خاموش رهڻ جو حڪم ڏنو پر هو خاموش نه ٿيا. گوڙ دوران هڪ عورت چيف جسٽس جي ڊائس جي ويجهو پهچي ڌڪ هنيا جڏهن ته ٻي عورت پوليس آفيسر کي چماٽ وهائي ڪڍي. گوڙ تي هو ڪو حڪم جاري ڪرڻ کانسواءِ هليو ويو. چيف جسٽس آءِ جي سنڌ ۽ ڊي جي رينجرز کي پنهنجي چيمبر ۾ طلب ڪري ورتو. چيف جسٽس ٻڌڻي ٻيهر شروع ڪئي ته عورت کي روسٽرم تي طلب ڪيو ۽ غير مشروط معافي وٺڻ جي هدايت ڪئي. چيف جسٽس عورت کي مخاطب ٿيندي چيو ته توهان عدالت جو تقدس پائمال ڪيو، منهنجو چوڻ نه ڪيو، گوڙڪندا رهيا، عدالت جي ڪمري ۾ ڊائس تي مڪون هڻي رهيا آهيو، توهان چيف جسٽس جي ڊائس تي مڪا هنيا، توهان جي همت ڪيئن ٿي، توهان پوليس اهلڪار تي تشدد ڪئين ڪيو. چيف جسٽس چيو ته مون کي قوم جي نياڻين کان اهڙي بد تهذيبي جي اميد نه هئي، توهان جي جاءِ تي ڪو مرد هجي ها ته کيس جيل موڪلي ڇڏيان ها. چيف جسٽس گم ڪيل ماڻهن بابت سمورين درخواستن تي ڪارروائي جو حڪم ڏيندي قانون لاڳو ڪندڙ ادارن کي خاص سيل قائم ڪرڻ جي هدايت ڪئي آهي. سپريم ڪورٽ جي حڪم تي ڊي جي رينجرز، ايم آءِ، آءِ ايس آءِ، سميت حساس ادارن جا صوبائي سربراهه ۽ آءِ جي سنڌ پيش ٿيا. جڏهن ته ٻڌڻي دوران آءِ جي سنڌ امجد سليمي ۽ ڊي جي رينجرز  چيف جسٽس ثاقب نثار کي بريفنگ ڏني، چيف جسٽس چيمبر ۾ ٻيهر ڊي جي رينجرز ۽ آءِ جي سنڌ کي گهرايو.  ڪجهه دير بعد ٻيهر عدالتي ڪمري ۾ اچي گم ٿيلن جي ڪيس جي ڪارروائي شروع  ڪئي وئي.چيف جسٽس لاڙڪاڻي واسڻ نليم جي والد بابت آءِ جي سنڌ کي جاچ رپورٽ پيش ڪرڻ جو حڪم ڏنو. چيف جسٽس ريمارڪس ۾ چيو ته جيڪڏهن ڪو ذاتي تڪرار ۾ گم ٿيو آهي يا سندس زندگي کي نقصان پهتو آهي ته عدالت کي ٻڌايو. يقين آهي ته اهي ماڻهو رياستي ادارن وٽ نه هوندا. 1129

کنڀيلن جي آزادي لاءِ حيدرآباد ۾ بک هڙتال شروع، ڪئمپ قائم، نعري بازي

حيدرآباد(رپورٽر) وائس فار مسنگ پرسنس آف سنڌ پاران سنڌ مان جبري طور کنڀي گم ڪيل ماڻهن جي بازيابي لاءِ حيدرآباد پريس ڪلب سامهون هڪ ڀيرو ٻيهر 7 ڏينهن تائين علامتي بک هڙتال شروع ڪئي وئي آهي. جنهن ۾ دانشورن، ليکڪن ۽ شاعرن سميت سماجي اڳواڻن جي وڏي انگ ۾ شرڪت، نٽهڻ اُس ۾ اڀ ڏاريندڙ نعريبازي ڪئي وئي. وائس فار مسنگ پرسنس طرفان ڪنوينر سورٺ لوهار، ڊپٽي ڪنوينر سنڌو امان چانڊيو، تاج جويو، جسقم آريسر گروپ جي وقتي چيئرمين امير آزاد پنهور، تنوير آريجو، اسلم خيرپوري، نيلم آريجو، سورهيه سنڌي ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ سنڌ مان جبري طور تي کنڀي گم ڪيل ماڻهن جي بازيابي لاءِ هڪ دفعو ٻيهر حيدرآباد پريس ڪلب آڏو بک هڙتال ڪئي وئي. علامتي بک هڙتالي ڪئمپ پڻ قائم ڪئي وئي آهي، کنڀي گم ڪيل ماڻهن جي وارثن جي هٿن ۾ پنهنجي پيارن جون تصويرون کنڀيل هيون. ان موقعي تي اڳواڻن چيو ته سنڌ مان جبري طور تي ماڻهن کي کنڀي گم ڪيو ويو آهي، جن کي هن وقت تائين ظاهر ناهي ڪيو ويو. هنن چيو ته ملڪ جي شهرين کي کنڀي گم ڪرڻ نه  رڳو ملڪي آئين ۽ قانون جي لتاڙ آهي، پر عالمي قانونن ۽ انساني حقن جي پڻ سنگين ڀڃڪڙي آهي. هنن چيو ته اسان سنڌ مان گم ڪيل ماڻهن جي بازيابي لاءِ پرامن احتجاج ڪري رهيا آهيون، پر وقت جي حڪمرانن ۽ عدالتن طرفان هن وقت تائين ڪو به خاطر خواهه ڪردار ادا نه ڪيو ويو آهي. احتجاجي تحريڪ باجود گم ڪيل ماڻهن کي آزاد ڪرڻ بجاءِ وڌيڪ گرفتاريون ۽ گمشدگين جو سلسلو شروع ڪيو ويو آهي، جيڪو عمل انتهائي مذمت جوڳو آهي. هنن سنڌ جي سمورين سياسي جماعتن، انساني حقن جي تنظيمن، اديبن ۽ سماجي اڳواڻن کي اپيل ڪئي ته اهي تحريڪ جو حصو بڻجي ۽ 7 ڏينهن بک هڙتال ۾ ڀرپور شرڪت ڪري گم ڪيل ماڻهن جي بازيابي لاءِ پنهنجو ڪردار ادا ڪن، بک هڙتالي ڪئمپ تي جسقم اڳواڻ سرمد ميراڻي، سسئي لوهار، ڊاڪٽر نياز ڪالاڻي، گلبدن جاويد مرزا، اميرباغي، رحيم پنهور، آچر پهوڙ، انور بڙدي، بلاول راڄڙ، تاج حيدر درس، سڪندر ٽڳڙ، سرور جروار، عمران گاڏهي، هوشو لکمير، وسيم مگسي، سڪندر آريسر، خالد جوڻيجو، ذوالفقار کوکر، اڪبر کوسو، سوجهرو سنڌي، ڪامريد شمشاد ميڻو، گلزار علي ڀنڀرو ۽ ٻين وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي.1129

کنڀيل شيعا اڳواڻن جا وارث به پهتا، سخت احتجاج

ڪراچي:  کنڀي گم ڪيل شيعا اڳواڻن جي وارثن به وڏي انگ ۾ سپريم ڪورٽ ڪراچي رجسٽري ٻاهران گڏ ٿي احتجاج ڪيو، ان موقعي تي کنڀي گم ڪيل نعيم حيدر جي امڙ سلطانه، ساجد جي امڙ نسيم طلحه خالد جو والد خالد اختر، سيد ممتاز زيدي جي وني معصومه ممتاز، سيد فراز اصغر زيدي جي  امڙ شبانه، سيد اظهر حسين رضوي جي ڀيڻ شميم بانو، سيد علي حيدر جي امڙ ڪشور زيدي ۽ ٻيا موجود هئا جن پنهنجي پيارن جي آزادي لاءِ نعريبازي ڪئي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

CaretackerCmSindh, ECP

چونڊ ضابطن تي عمل کي هر صورت ۾ يقيني بڻايو ويندو : نگران وڏو وزير

ڪراچي (رپورٽر) سنڌ جي نگران وڏي وزير فضل الرحمان چيو آهي ته سمورين سياسي پارٽين …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے