21 جمعو , سيپٽمبر 2018

مخالفن کي سياسي فائدو ڏيڻ لاءِ خبر شايع ڪئي وئي: ن ليگ

The PML-N forged ticket form was releasedاسلام آباد(م ڊ)مسلم ليگ ن جي ترجمان مريم اورنگزيب چيو آهي ته برطانوي اخبار جي خبر سياسي مخالفن کي فائدو پهچائڻ جي سازش آهي. نواز شريف جي لنڊن ۾ ملڪيتن بابت برطانوي اخبار جي رپورٽ تي ردعمل ڏيندي مريم اورنگزيب چيو ته برطانوي اخبار پنهنجي خبر کي خاص رنگ ڏئي پاڪستان ۾ ٻڌڻي هيٺ ڪيس تي اثرانداز ٿيڻ جي ڪوشش ڪئي آهي، هڪ اهڙي موقعي تي ان خبر جو شايع ٿيڻ اڳوڻي وزيراعظم ۽ سندس خاندان جي دفاع ۽ ذاتي صفائي جي قانوني حق جي خلاف آهي، اهو ڏکوئيندڙ ۽ صحافتي غير جانبداري جي اصول جي ابتڙ  آهي. مريم اورنگزيب چيو ته اهو ڪيس ٻڌڻي جي هڪ اهم مرحلي ۾ آهي، اهڙي خبر جي شايع ٿيڻ سان ڪيس جي نتيجن تي سوال اٿندا، پاڪستان ۾ چونڊن جي موقعي تي برطانوي اخبار جي اهڙي خبر شايع ڪرڻ سياسي مخالفن کي فائدو پهچائڻ جي سازش آهي، خبر ۾ مسلم ليگ ن جي قائد ۽ سندس خاندان جي موقف کي ڄاڻي واڻي پوري وضاحت سان شايع  نه ڪرڻ بدنيتي کي ظاهر ڪري ٿو.

هي به ڏسي سگهو ٿا

عمران وري جوتاگردي جو شڪار، ذري تان بچاءُ، پادر عليم خان کي ٽڪاءُ

گجرات (م ڊ) تحريڪ انصاف سربراهه عمران خان جي تقرير دوران عليم خان کي جوتو …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے