20 خميس , سيپٽمبر 2018

نيوز: احمد پور: ميتلا برادري پاران ڳالهيون ڪامياب ٿيڻ بعد پ پ جي حمايت جو اعلان

Ahmadpur: Maithili community talks to succeed after the PPP announced support* احمد پور جي ميتلا برادري ڳالهيون ڪامياب ٿيڻ بعد پ پ اميدوار جاويد شاهه جيلاني ۽ نواب وساڻ جي حمايت ڪري ڇڏي آهي.

احمد پور ۾ميتلا برادري جو ڪٺ ميتلا اتحاد  سنڌ جي سرواڻ فدا حسين ميتلو جي رهائش گاھه تي ٿيو.

گڏجاڻي ۾خيرپور ضلعي جي ميتلا برادري جي سوين چڱن مڙسن توڙي  معزز ماڻهن  شرڪت ڪئي.

ان موقعي تي پ پ اميدوار سيد جاويد علي شاھه جيلاني اڳواڻن سان ڪامياب ڳالهيون ڪري ميتلا برادري جا خدشا ختم ڪيا.

ڳالهيون ڪامياب ٿيڻ بعد ميتلا برادري اين اي 210 جي اميدوار  سيدجاويد علي شاھه جيلاني ۽  پي ايس 32 جي اميدوار حاجي نواب وساڻ جي ڀرپور حمايت جواعلان ڪيو.

هي به ڏسي سگهو ٿا

Hala: Tribute to the martyrs of Karbala

هالا: ڪربلا جي شهيدن کي ڀيٽا ڏيڻ جو سلسلو جاري

هالا: ڪربلا جي شهيدن کي ڀيٽا ڏيڻ جو سلسلو جاري

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے