18 اڱارو , سيپٽمبر 2018

ملڪ جي قسمت تبديل ڪنداسين: عمران خان

ميانوالي (ويب ڊيسڪ) تحريڪ انصاف عمران خان جي اباڻي علائقي ميانوالي مان چونڊ مهم جي باضابطي طور شروعات ڪري ڇڏي آهي. ميانوالي ۾ چونڊ جلسي کي خطاب ڪندي پي ٽي آءِ سربراهه عمران خان چيو ته نئون پاڪستان پاڻ ڀرو هوندو، پنهنجي پيرن تي بيٺل هوندو، اسان جو سڀ کان وڏو مسئلو اهو آهي ته هي ملڪ هلائڻ لاءِ پئسو ناهي، آءِ ايم ايف کي مضبوط ادارو بڻائينداسين، پوليس جي نظام کي درست ڪنداسين، تعليمي ايمرجنسي لاڳو ڪنداسين. هن چيو ته 4 هفتا وڃي بچيا آهن، ملڪ جو مستقبل تبديل ٿيڻ لڳو آهي، الله نوجوانن کي ملڪ جي تقدير تبديل ڪرڻ جو موقعو ڏنو آهي، ڪاميابي ۽ شڪست الله جي هٿ ۾ آهي، مان رب پاڪ جو شڪر ادا ڪيان ٿو ته ظالمن ۽ چورن کان ملڪ بچائڻ جو موقعو مليو آهي. سندس چوڻ هو ته چونڊن لاءِ ڀرپور ڪوشش هوندي ته ميرٽ تي ٽڪيٽون ڏنيون وڃن، جن ماڻهن کي ٽڪيٽ ناهي ملي، انهن جي ڏک جو احساس آهي، کانئن معذرت ڪيان ٿو. عمران خان چيو ته اڄ پاڪستان جي سڀ کان وڏي پارٽي تحريڪ انصاف آهي، پاڪستان کي اهڙو ٺاهينداسين جو هتي ٻاهران ماڻهو اچي نوڪريون ڳوليندا، 2002 ۾ واعدو ڪيو هو ته رڳو ميانوالي کي نه پر سڄي ملڪ کي تبديل ڪنداسين.27

هي به ڏسي سگهو ٿا

ڊيم فنڊ ۾ ڀرپور نموني حصو وٺڻ تي ڪراچي واسين جو ٿورائتو آهيان: وزيراعظم عمران خان

ڪراچي( ويب ڊيسڪ ) وزيراعظم عمران خان دل کولي ڊيم لاءِ چندو ڏيڻ تي ڪراچي …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے