16 سومر , جولاءِ 2018

رپورٽ: سن : شاهه حيدر ايجوڪيشنل سوسائٽي کي 60 سال مڪمل ٿيڻ تي جشن

Sann: Celebration of Shah Haider Educational Society for 60 years* سن ۾شاهه حيدر ايجوڪيشنل سوسائٽي جي طرفان 60 سالا تعليمي جشن ملهايو ويو.

شاهه حيدر ايجوڪيشنل سوسائيٽي کي 60 سال پورا ٿيڻ تي گذريل رات سائين جي ايم سيد جي درياهه واري بنگلي تي تعليمي ميلو لڳائي جشن ملهايو ويو، جنهن ۾عورتن جي وڏي انگ پڻ شرڪت ڪئي.

تقريب ۾مانجهند تعلقي لاءِ بهترين پرائمري استاد جو ايوارڊ احمد علي سولنگي، ٻئي نمبر تي عبدالعزيز رند ۽ ٽئين نمبر تي خليل احمد ميمڻ کي ايوارڊ ۽ روڪ رقم ڏني وئي.

تعلقي ۾بهترين سماجي خدمتون سرانجام ڏيندڙ مشتاق احمد خاصخيلي کي به لائيف ٽائيم اچيومينٽ ايوارڊ ۽ روڪ رقم پڻ ڏني وئي.

بهترين ڪهاڻيڪار جو ايوارڊ پروفيسر محمد ايوب عمراڻي، سن جي سينيئر صحافي عبدالمجيد عمراڻي ۽ صحافي ساگر سولنگي کي بهترين صحافتي خدمتن جي مڃتا طور شيلڊون ڏنيون ويون.

60 سالا سوسائٽي جي خدمتن تي مشتمل لاٽ ٻرندي رهي ڪتاب جو سيد زين شاهه سوسائيٽي جي سرواڻ ڊاڪٽر سيد ضياءِ شاهه، سيد منير حيدر شاهه پروفيسر انعام ڀٽي ۽ ٻين مهورت پڻ ڪيو.

اسڪولي ٻارن ۾ذهني آزمائشي، ڄٽا ڀيٽي جا مقابلا پڻ ڪرايا ويا، مانجهند تعلقي جي مختلف اسڪولي شاگردن ٽيبلوز ۽ خاڪا پيش ڪيا.

ان موقعي تي سنڌ جي ڀلوڙ فنڪارن عبدالمنان عباسي عرف مامالالو، عبدالله ملاح عرف موالي پڻ پنهنجي فن جو مظاهرو ڪري ماڻهن کي کلايو.

تقريب ۾راشد گبر جادوگري جا ڪرتب ڏيکاري ٻارن توڙي تقريب ۾آيلن کي موهي وڌو.

سنڌ جي ڀلوڙ فنڪار وقار ملاح ۽ رضا علڻ سر وکيري محفل کي چار چنڊ لڳائي ڇڏيا.

تقريب ۾سوسائٽي جي جاکوڙي رضاڪارن کي ڪڻن ذريعي ٻه دبئي جون ٽڪيٽون ۽ ٻه موٽرسائيڪلون پڻ ڏنيون ويون.

ساگر سولنگي عوامي آواز ٽي وي سن….

هي به ڏسي سگهو ٿا

Chambar: The protest against the police on entering the case of Bharti's legacy of Margaret Nari Swarra

نيوز: چمبڙ: مقتول ناري سويرا ڀٽي جي وارثن جو ڪيس داخل ڪرڻ تي پوليس خلاف احتجاج

*چمبڙ ۾ مقتول ناري سويرا ڀٽي جي وارثن پاران بنا جواز ڪيس داخل ڪرڻ تي …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے