18 اربع , جولاءِ 2018

پاڪ- افغان سرحد تي دهشتگردن جي حملي ۾ سپاهي شهيد

راولپنڊي (ويب ڊيسڪ) اتر وزيرستان ۾ دهشتگردن پاڪ – افغان سرحد تي ڪنڊي دار تار لڳائيندڙ جوانن تي فائرنگ ڪئي آهي، جنهن جي نتيجي ۾ سپاهي شهيد ٿي ويو آهي. پاڪ فوج جي ترجمان ميجر جنرل آصف غفور ٽوئيٽر تي بيان جاري ڪندي چيو آهي ته وطن لاءِ قوم جي هڪ ٻئي پٽ حياتي قربان ڪري ڇڏي. ڊي جي آءِ ايس پي آر موجب اتر وزيرستان ۾ دهشتگردن سرحد تي ڪنڊي دار تار لڳائيندڙ پارٽي تي فائرنگ ڪئي، جنهن جي نتيجي ۾ سپاهي نياز علي شهيد ٿي ويو. 29 ورهين جي نياز جو واسطو مردان سان هو، جيڪو پاڪ – افغان بارڊر تي ڪنڊي دار تار لڳائڻ جي سيڪيورٽي تي مقرر هو.27

هي به ڏسي سگهو ٿا

Imran Khan Peep Dwarf Dwarf: Shahbaz Sharif

عمران خان ڪي پي ڪي جو ٻيڙو غرق ڪيو: شهباز شريف

اسلام آباد(ويب ڊيسڪ)پاڪستان مسلم ليگ ن جي صدر ميان شهباز شريف چيو آهي ته ڪپتان  …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے