25 اڱارو , سيپٽمبر 2018

نيوز: ڀٽ شاهه: مٽياري ۾ سي آئي اي پوليس  جي ڪارروائي، منشيات هٿ،    5 جوابدار  گرفتار

Bhitt Shah: Police arrested AAI police officer, Matiat, 5 accused in Matiari* ڀٽ شاهه ويجهو مٽياري ۾ سي آئي اي پوليس ڪارروائي ڪري  وڏي تعداد ۾ منشيات هٿ ڪري  5 جوابدارن کي  گرفتار ڪري ورتو جڏهن ته 3 منشيات وڪرو ڪندڙ فرار ٿي ويا.

سي آئي اي پوليس مٽياري ۾ مين پڙي ٺاهڻ جي ڪارخاني تي ڇاپو ھڻي 5 مڻ مين پڙي ٺاهڻ جو ڪچو سامان ۽ 5 کان 6  سو تيار ٿيل مين پڙيون هٿ ڪري 5 جوابدارن  کي گرفتار ڪري ورتو.

سي آئي سينٽر مٽياري ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي ڊي ايس پي سي آءِ  اي جمعا خان پنهور ٻڌايو ته  مٽياري ۾ ڪارروائي ڪري پڙي تيار ڪندڙ 5 ڄڻا گرفتار ڪيا آھن جڏھن ته 3 ڄڻا  فرار ٿيڻ ۾ ڪامياب ٿي ويا.

 هن ٻڌايو ته زبير اعواڻ ، شان خانزادي ، نعمان خانزادي ۽ ذيشان مغل کي گرفتار ڪيو آهي جڏھن ته منشيات وڪرو ڪندڙن جو اڳواڻ  عبدالرحمان خانزادو، شڪيل خاصخيلي ۽ ضمير ميمڻ فرار ٿيڻ ۾ ڪامياب ٿي ويا جن کي به جلد گرفتار ڪيو ويندو

هي به ڏسي سگهو ٿا

Kotri

نيوز | ڪوٽڙي: پوليس پاران جوابدارن خلاف ڪارراوئي، 4 جوابدار گرفتار

ڪوٽڙي ۾ پوليس ڪارروائي ڪندي چار جوابدارن کي گرفتار ڪري ورتو. ايس ايڇ او سائيٽ …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے