16 سومر , جولاءِ 2018

نواز شريف خلاف جاچ ۾ برطانيا جي رنڊڪ بڻجڻ جو انڪشاف

لنڊن ( ويب ڊيسڪ ) برطانيا طرفان نواز شريف ۽ سندس گهر وارن خلاف جي آءِ ٽي جي جاچ ۾ عدم سهڪار جو انڪشاف ٿيو آهي.  برطانوي اخبار ڊيلي ميل شريف خاندان جي لنڊن فليٽس سميت برطانيا ۾ ٻي ملڪيتن ۽ پاناما ليڪس بابت عدالتي ڪارروائي جا تفصيل شايع ڪيا آهن. ڊيلي ميل جي رپورٽ موجب برطانوي حڪومت ڪاري ناڻي جي آمد ۽ مني لانڊرنگ جي خاتمي لاءِ مضبوط اپاءَ نه وٺي رهي آهي ۽ ٻين ملڪن جي جاچ ۾ مڪمل سهڪار جي دعويٰ ڪندي آهي پر حقيقت جي ابتڙ نظر ايندا آهن.  برطانوي حڪومت شريف خاندان خلاف پاناما ليڪس جي جاچ دوران سهڪار تي پري جي ڳالهه پر ڄاڻ ڏيڻ کان به انڪار ڪري ڇڏيو. شريف خاندان خلاف جاچ ڪندڙ اداري جي هڪ آفيسر ڊيلي ميل کي ٻڌايو ته برطانيا ڄاڻ ڏيڻ کان انڪار ڪندي جاچ ۾ رنڊڪ وڌي، بئنڪ ذريعي برطانيا مان پاڪستان رقم جي منتقلي ٿي، اسان شريف خاندان جي برطانوي اڪائونٽس جي رڪارڊ تائين پهچ گهري پر اسان کي انڪار ڪيو ويو. ڪيس تي ڪم ڪندڙ  ٻي آفيسر ٻڌايو ته اسان اسڪاٽ لينڊ يارڊ کان مدد گهري ۽ هنن مدد گهري پر جڏهن ڄاڻ جي مٽاسٽا جو وقت آيو ته منع ڪئي وئي، ايستائين جڏهن جي آءِ ٽي ميمبرن لنڊن ۽ برٽس ورجن آئي لينڊز وڃي جاچ ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ته برطانوي سفارتخاني کين ويزا ڏيڻ ۾ گهڻي دير ڪئي ۽ ڪيترائي هفتا لڳائي ڇڏيا. پاڪستاني آفيسر ٻڌايو ته امڪاني طور ان جو سياسي سبب ٿي سگهي ٿو. ٻئي طرف برطانوي گهرو کاتي جي ترجمان چيو ته اسان غير قانوني سيڙپ خلاف ڪارروائي لاءِ ٻين ملڪن سان مڪمل سهڪار ڪندا آهيون، اسان گڏيل قانوني معاونت جي درخواستن جي موجودگي جي نه تصديق ۽ نه وري ترديد ڪيون ٿا.

هي به ڏسي سگهو ٿا

مستونگ سانحو: سينيٽ ۾ تعزيتي قرارداد منظور، ٻڌايو وڃي ته ملڪ ڪير هلائي رهيو آهي؟ شيري رحمان

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) سينيٽ ۾ مستونگ سانحي جي حوالي سان تعزيتي قرارداد گڏيل طور …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے