19 اربع , سيپٽمبر 2018

ڊراما سيريل”سنو چندا“ کان شهرت حاصل ڪندڙ اداڪارا اقرا عزيز کي بنا ميڪ اپ جي سڃاڻڻ مشڪل

Drama Sailor "Snow Chanda", a famous artist, who is famous for the famous Iqra Aziz, is known to be famous.ڪراچي(شوبز نيوز) پاڪستاني ڊرامه سيريل” سو چندا“ ذريعي شهرت حاصل ڪندڙ اداڪارا اقرا عزيز جون ميڪ اپ کان بغير تصويرون سوشل ميڊيا تي وائرل ٿي ويون. گذريل مهيني پاڪستان نجي ٽي وي چينل تي نشر ٿيندڙ ڊرامي” سنو چندا“ کان مشهوري جا سمورا ريڪارڊ ٽوڙي ڇڏيا، ان ڊرامي کي مداحن طرفان تمام گهڻو پسند ڪيو ويو آهي جڏهن ته ڊرامي جي مرڪزي اداڪارن اقرا عزيز ۽ فرحان سعيد سوشل ميڊيا تي ڇائنجي ويا آهن. ڊرامي ۾ اقرا عزيز جي بهترين اداڪاري ڏسندڙن جون دليون کٽي ورتيون آهن، جڏهن ته فرحان سعيد جي ارسل واري  ڪردار جي پڻ  تعريف ڪئي پئي وڃي. اقرا عزيز اداڪاري کانسواءِ ماڊلنگ پڻ ڪري چڪي آهي، جڏهن ته سوشل ميڊيا اڄ ان جو ميڪ اپ کان بغير ڪجهه تصويرون وائرل ٿي رهيو آهن جن ۾ هو ٽي وي اسڪرين واري اقرا کان مختلف نظر اچي رهي آهي. اقرا عزيز پنهنجي فني ڪيريئر جي شروعات 2014 ۾ ڊراما سيريل“ڪسي اپنا ڪهين“ سان ڪيو ان بعد هو ديوانا، لاج ۽ گستاخ عشق ۾ پڻ نظر آئي، پر ان باوجود  جيڪا شهرت کيس ڊراما سيريل ”سنو چندا“ ڏني آهي اها ڪنهن ٻئي ڊرامي ۾ ڪم ڪرڻ دوران نه ملي. اقرا عزيز وقت سان گڏوگڏ پاڻ تمام گهڻو تبديل ڪيو آهي جنهن بعد هو وڌيڪ خوبصورت ٿي وئي آهي.ڊراما سيريل” سنو چندا“ جي ذريعي اقرا عزيز جو شمار پاڪستان جي پهرين جوڙ جي ادڪارائن ۾ ٿيندو آهي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

ماهرا خان طرفان ثانيا مرزا جي  ايندڙ ننڍڙي مهمان لاءِ نيڪ خوهشن جو اظهار

ڪراچي ( شوبز نيوز ) پاڪستان جي ناليواري اداڪارا ماهرا خان ۽ ڀارتي ٽينس اسٽار …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے