18 اڱارو , سيپٽمبر 2018

مسلم ليگ ن کي  ٽڪيٽ جي درخواست نه ڪئي آهي، اميدوار نه آهيان: جاويد هاشمي

PML-N has not requested a ticket, not a candidate: Javed Hashmiملتان ( ويب ڊيسڪ ) مسلم ليگ ن جاويد هاشمي چيو آهي ته مان اڄ تائين مسلم ليگ ن کي ٽڪيٽ لاءِ درخواست نه ڏني آهي، پارٽي قيادت جي هدايت تي نامزدگي ڪاغذ جمع ڪرايا پر مان اميدوار نه آهيان. ملتان ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي جاويد هاشمي چيو ته ملتان جي جلسي ۾ نواز شريف کي چيو هو ته مان چونڊن ۾ حصو نه ٿو وٺڻ چاهيان. هن چيو ته ميڊيا ۾ غلط هلايو ويو  ته چونڊن تان هٿ کڻي ويو آهيان پر مان ته چونڊن ۾ حصو ئي نه پئي وٺڻ چاهيو. سندس چوڻ هو ته مان پارٽي جي چوڻ تي نامزدگي ڪاغذ جمع ڪرايا پر مان اميدوار ئي نه آهيان. جاويد هاشمي چيو ته ڊسمبر ۾ نواز شريف سان ملاقات ڪئي، مان ن ليگ سان نسلن جي رشتي جي بحالي چاهيان ٿو، مان اڄ تائين ڪابه درخواست ن ليگ کي نه ڏني آهي. هن چيو ته ڊسمبر ۾ ٽڪيٽ ڏيڻ جي آڇ ٿي ته رفيق رجوانه سان ملاقات ڪئي ۽ کيس چيو ته توهان ئي اميدوار هوندا ۽ توهان لاءِ ووٽ گهرندس.

هي به ڏسي سگهو ٿا

وزيراعظم عمران خان پهرين سرڪاري دوري تي سعودي عرب روانو

اسلام آباد ( ويب ڊيسڪ )  وزيراعظم عمران خان پنهنجي ٻن ڏينهن جي پهرين سرڪاري …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے