18 اربع , جولاءِ 2018

ماياعلي ۽ ڪترينا ڪيف مان ڪير بهترين؟

Which of the best is Maya ali  Kartina Kaif?ڪراچي(شوبز نيوز) پاڪستان جي مشهور راڳي ۽ اداڪار علي ظفر اداڪارا مايا علي ۽ ڪترينا ڪيف جي وچ ۾ فرق ٻڌائيندي چيو آهي ته مايا علي نه رڳو خوبصورت آهي پر هو خوش اخلاق پڻ آهي.اڄ ڪالهه ميڊيا ۾ علي ظفر جي  پهرين پاڪستاني فلم ”طيفا ان ٽربل“ ڇانيل آهي، جنهن ۾ مايا علي پڻ ان فلم ذريعي فلمي دنيا ۾ قدم رکي رهي آهي. ڪجهه ڏينهن اڳ ريليز ٿيندڙ فلم جي ٽريلر کي مداحن طرفان تمام گهڻي موٽ ملي هئي، جڏهن ٻه ڏينهن اڳ فلم جو پهريون گيت ”مين آئيٽم نمبر نهي ڪرونگي“ جاري ڪيو ويو هو جنهن کي شوقينن طرفان تمام گهڻو پسند ڪيو ويو پيو وڃي.  فلم طيفا ان ٽربل هوئين علي ظفر جي پهرين فلم آهي پر هو ان کان اڳ ڀارت ۾ فلم” ميري برادر ڪي دلهن“ ۾ پڻ ڪم ڪري چڪو آهي جنهن ۾ هن سان گڏ اداڪارا ڪترينا ڪيف مرڪزي ڪردار ادا ڪيو هو. وجهڙائي ۾ ئي طيفا ان ٽربل جي گيت جي لائونچنگ تقريب منعقد ٿي جنهن دوران هڪ صحافي علي ظفر کان سوال ڪيو ته توهان ڪترينا ڪيف سان گڏ ڪم ڪيو آهي ڪترينا ڪيف کان مايا علي تائين توهان ڪهڙو فرق محسوس ڪيو. جنهن علي ظفر دلچسپ جواب ڏيندي چيو ته مايا جي نالي ۾ علي آهي جڏهن تي ڪترينا جي نالي ۾ علي نه هو. علي ظفر وڌيڪ چيو ته اسان جو تعلق ڪهڙي به رنگ نسل سان هجي پر ان کان وڌيڪ هو انڪري ڄاتو سڃاتو ويندو هو شخصي طور ڪيئن آهي. علي ظفر  مايا علي جي خوبصورتي ۽ اداڪاري جي تعريف ڪندي چيو ته اسان کي فلم لاءِ اهڙي ڇوڪري گهربل هئي جيڪا نه رڳو خوبصورت هجي پر سندس اها اعليٰ اخلاق پڻ هجي، ۽ ان سان گڏوگڏ بهترين اداڪارا پڻ هجي ۽ مايا علي انهن تمام گهرجن تي پوري لٿي آهي. ان سان گڏوگڏ ئي علي ظفر چيو ته هو باليووڊ ۾ ڪم ڪري چڪو آهي هن جو خواب هو ته پاڪستان وڃي، اهڙي فلم ٺاهي جيڪا پاڪستان ۽ اسان جي سينما جو نالو عالمي سطح تي روشن ڪري. ياد رهي ته باليووڊ ۾ ميري برادر ڪي دلهن، جشم بدور، تيري بن لادن، ٽوٽل سياپا، ڪل دل جهڙين ڪامياب فلمن ۾ اداڪاري جا جوهر ڏيکاريندڙ علي ظفر جي فلم”طيفا ان ٽربل“ 20 جولائي تي ريليز ڪئي ويندي، فلم ۾ علي ظفر، مايا علي کانسواءِ ادڪار جاويد شيخ ۽ فيصل قريشي اهم ڪردار ادا ڪري رهيا آهن.

هي به ڏسي سگهو ٿا

Alba went away from fans to 14 years

البيلا کي مداحن کان وڇڙئي 14 ورهيه وهامي ويا

لاهور(شوبز نيوز) ملڪ جي ناليواري اداڪار البيلا کي مداحن کان وڇڙئي 14 ورهيه وهامي ويا، …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے