18 اربع , جولاءِ 2018

گم ٿيل ماڻهن بابت خاص سيل قائم ڪرڻ ۽ سمورين درخواستن تي ڪارروائي جو حڪم

The occupation mafia was abolished, the defense of the state is our responsibility: Chief Justiceڪراچي ( ويب ڊيسڪ ) سپريم ڪورٽ گم ٿيل ماڻهن بابت خاصل سيل قائم ڪرڻ جو حڪم ڏيندي سمورين درخواستن تي ڪارروائي جي هدايت ڪئي آهي، گم ٿيل ماڻهن جي وارثن جي  هنگامي سبب چيف جسٽس ثاقب نثار ٻڌڻي ڇڏي پنهنجي چيمبر ۾ هليو ويو. سپريم ڪورٽ ڪراچي رجسٽريءَ ۾ گم ٿيل ماڻهن بابت پاڻمرادو نوٽيس ڪيس جي ٻڌڻي ڪئي وئي.گم ٿيل ماڻهن جي وارثن جو وڏو انگ سپريم ڪورٽ ٻاهران جمع ٿي ويو پر پوليس کين اندر وڃڻ کان روڪي ڇڏيو. گم ٿيل ماڻهن جي وارثن پوليس خلاف نعريبازي ڪئي. عورتن ۽ ٻارڙن سميت گم ٿيل ماڻهن جي وارثن تصويرون کڻي احتجاج ۽ پنهنجي پيارن جي بازيابي لاءِ منٿون ڪيون.  سماجي ڪارڪن جبران ناصر به گم ٿيل ماڻهن جي وارثن سان ٻڌيءَ جي اظهار لاءِ موجود رهيو. گم ٿيل ماڻهن جي وارثن اوڇنگارون ڏيندي دانهون ڪيون ته جيڪڏهن اسان جا پيارا مري ويا آهن ته اسان کي ٻڌايو وڃي، اسان جا پيارا ڪيترن ئي سالن کان گم آهن، اسان کي انهن بابت ڪا به خبر ناهي، هر انصاف جو در کڙڪايو هاڻي ڪنهن جي در تي وڃون. ٻڌڻي شروع ٿي ته چيف جسٽس هر گم ٿيل ماڻهو جي هڪ هڪ وارث کي عدالت ۾ طلب ڪيو.  درخواستگذار نيلم عدالت جي روبرو پيش ٿي ٻڌايو ته سندس والد 14 مهينن کان گم آهي، ان دوران ٻين عورتن اوڇنگارون ڏئي روئڻ شروع ڪيو جنهن تي عدالت ڪمري ۾ گوڙ ۽ رڙيون شروع ٿي ويون،  متاثرن الزام هنيو ته سندن عزيز ڳجهن ادارن وٽ آهي. چيف جسٽس شهرين کي خاموش رهڻ جو حڪم ڏنو پر هو خاموش نه ٿيا. گوڙ دوران هڪ عورت چيف جسٽس جي ڊائس جي ويجهو پهچي ڌڪ هنيا جڏهن ته ٻي عورت پوليس آفيسر کي چمات وهائي ڪڍي. گوڙ تي هو ڪو حڪم جاري ڪرڻ کانسواءِ هليو ويو. چيف جسٽس آءِ جي سنڌ ۽ ڊي جي رينجرز کي پنهنجي چيمبر ۾ طلب ڪري ورتو. چيف جسٽس ٻڌڻي ٻيهر شروع ڪئي ته عورت کي روسٽرم تي طلب ڪيو ۽ غير مشروط معافي وٺڻ جي هدايت ڪئي. چيف جسٽس عورت کي مخاطب ٿيندي چيو ته توهان عدالت جو تقدس پائمال ڪيو، منهنجو چوڻ نه ڪيو، گوڙا ڪندا رهيا، عدالت جي ڪمري ۾ ڊائس تي ٺونشا هڻي رهيا آهيو، توهان چيف جسٽس جي ڊائس تي مڪا هنيا، توهان جي همت ڪئين ٿي، توهان پوليس اهلڪار تي تشدد ڪئين ڪيو. چيف جسٽس چيو ته مون کي قوم جي نياڻين کان اهڙي بد تهذيبي جي اميد نه هئي، توهان جي جاءِ تي ڪو مرد هجي ها ته کيس جيل موڪلي ڇڏيان ها، توهان لاءِ نڪتس پر توهان توهين عدالت ڪئي. چيف جسٽس گم ٿيل ماڻهن بابت سمورين درخواستن تي ڪارروائي جو حڪم ڏيندي قانون لاڳو ڪندڙ ادارن کي خاص سيل قائم ڪرڻ جي هدايت ڪئي آهي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

بلاول کي مسئلن جي ڪهڙي خبر، زرداري به جلد اڊيالا ويندو: عمران خان

جيڪب آباد (ويب ڊيسڪ) تحريڪ انصاف سربراهه عمران خان چيو آهي ته آصف زرداري ۽ …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے