20 خميس , سيپٽمبر 2018

فٽبال ورلڊ ڪپ ۾ اڄ 3 ميچون کيڏيون وينديون

Three Mitches will be played today in the World Cupماسڪور(اسپورٽس نيوز) فيفا فٽبال ورلڊ ڪپ ۾ اڄ وڌيڪ ٽي ميچون کيڏيون وينديون. فيفا ورلڊ ڪپ لاءِ گروپ” جي“  ۾ شامل انگلينڊ جو مقابلو پاناما سان ٿيندو ۽ ٻنهي ٽيمن وچ ۾ کيڏي ويندڙ اڄوڪي ميچ خاص اهميت رکي ٿي. ايونٽ ۾ هن وقت تائين انگلينڊ ۽ پاناما جي ٽيمن هڪ هڪ ميچ کيڏي چڪيون آهن جنهن ۾ انگلينڊ ڪامياب ۽ پاناما ناڪامي جو منهن ڏٺو. پوائنٽ ٽيبل تي گروپ ”جي“ ۾ بيلجيئم جي ٽيم پنهنجي ٻنهي ميچن ۾ ڪاميابي بعد 6 پوائنٽن سان گڏ سرفهرست آهي، جڏهن ته انگلش ٽيم کي ٽن پوائنٽون حاصل آهن. جڏهن ته انگلش ٽيم جي ٽيم ٽن پوائنٽن سان ٻئين نمبر تي موجود آهي. گروپ ”جي“ جي ٽيئن نمبر تي موجود ٽيم پاناما آهي جنهن هن وقت تائين هڪ ميچ کيڏيو آهي جنهن ۾ هن کي شڪست ملي ۽ اها ٽئين نمبر تي موجود آهي جڏهن ته تيونس پنهنجي ٻنهي ميچن ۾ ناڪامي ٿي. گروپ”ايڇ“ جي چارئي ٽيمون اڄ آمهون سامهون ٿينديون، ٻي ميچ ۾ جپان جو مقابلو سينيگال جڏهن ته پولينڊ ۽ ڪولمبيا جي ٽيمون ٽئين ميچ ۾ مهاڏو اٽڪائينديون. گذريل ڏينهن ٽي ميچون کيڏيون ويون جنهن ۾ جرمني دلچسپ مقابلي بعد سوئيڊن کي هڪ جي مقابلي ۾ 2 گولن تان شڪست ڏني جڏهن بيلجيئم تيونس کي 2 جي مقابلي ۾ 5 گول تان هارايو. ٽئين ميچ جي دوران ميڪسيڪو ڏکڻ ڪوريا کي دلچسپ مقابلي بعد هڪ جي مقابلي ۾ 2 گولن تان شڪست ڏئي ميچ پنهنجي نالي ڪئي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

The Swordswriter Zulton Abraham completed 500 goals

سوئيڊش اسٽرائيڪر زلاٽن ابراهمووچ 500 گول مڪمل ڪري ورتا

نيويارڪ (ويب ڊيسڪ ) سوئيڊش اسٽرائيڪر لاٽن ابراهمووچ ڪيريئر ۾ 500 گول مڪمل ڪري ورتا، …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے