22 ڇنڇر , سيپٽمبر 2018

پ پ جا اميدوار فائنل، اڄ کان ٽڪيٽ جي ورڇ شروع ٿيندي

لاهور ( ويب ڊيسڪ ) اڳوڻي صدر ۽ پ پ جي شريڪ چيئرمين آصف علي زرداري اسلام آباد پهچي ويو آهي جتي هو پنجاب مان چونڊن ۾ حصو وٺندڙ پارٽي اميدوارن جي باضابطا منظوري ڏيندو. ذريعن موجب آصف علي زرداري پنجاب جي قيادت کي مشاورت لاءِ طلب ڪيو آهي جتي وچ پنجاب جي قيادت سان مشوري بعد پ پ جي اميدوارن جي لسٽ جاري ڪئي ويندي. هوڏانهن پ پ جي پارلياماني بورڊ ۽ پنجاب جي قيادت اميدوارن جي آخري لسٽ مرڪزي قيادت کي موڪلي ڇڏي آهي جنهن تي آصف زرداري سان مشورو ڪيو ويندو. پ پ جو شريڪ چيئرمين پنجاب مان ٽڪيٽ حاصل ڪندڙ اميدوارن جي نالن کي فائنل ڪرڻ بعد اڄ ئي اميدوارن جي باضابطا منظوري ڏني ويندي. پ پ پنهنجي اميدوارن جا نالا فائنل ڪري ڇڏيا آهن، اڄ کان اميدوارن ۾ ٽڪيٽون ورهائڻ جو عمل شروع ڪيو ويندو.

هي به ڏسي سگهو ٿا

والاريل ڪشمير ۾ عاشور تي  ڪرفيو، ڪيترائي حريت اڳواڻ نظر بند

سرينگر ( ويب ڊيسڪ ) ڀارتي قابض فوج سرينگر  ۽ ٻين ضلعن ۾ ڪرفيو لاڳو …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے