18 اربع , جولاءِ 2018

پاڪستان جو نالو گري لسٽ ۾ وڌو وڃي يا نه فيصلو اڄ ٿيندو

پئرس / اسلام آباد ( ويب ڊيسڪ ) مني لانڊرنگ ۽ دهشتگرديءَ جي مالي مدد جي نگراني ڪندڙ گڏيل قومن جي فنانشل ايڪشن ٽاسڪ فورس جو باضابطا فيصلائتو اجلاس اڄ ٿي رهيو آهي. اجلاس ۾ فيصلو ڪيو ويندو ته پاڪستان کي گري لسٽ ۾ شامل ڪيو وڃي يا نه؟  نگران ناڻي واري وزير ڊاڪٽر شمشاد اختر جي قيادت ۾ پاڪستاني وفد ملڪ ۾ مني لانڊرنگ جي خاتمي لاءِ کنيل قدمن جا تفصيل پيش ڪندو. 24 کان 24 جون تائين پئرس ۾ رٿيل اجلاس ۾ پاڪستان کي ايف اي ٽي ايف جي مستقبل جي مطالبن جي لسٽ ۽ ايڪشن پلان ڏنو ويندو. نگران ناڻي واري وزير شمشاد اختر لاڳاپيل کاتن کي هدايت ڪئي هئي ته هو سمورا انتظامي ۽ قانوني خال درست ڪن ته جيئن ايف اي ٽي ايف جي ايندڙ اجلاس ۾ اهڙن قدن جا تفصيل پيش ڪري سگهجن.  ايف اي ٽي ايف جي گذريل اجلاس ۾ پاڪستان جي 3 رڪني وفد 27 صفحن تي ٻڌل اينٽي مني لانڊرنگ ۽ اينٽي ٽيرر فناسنگ قدمن تي ٻڌل رپورٽ پيش ڪئي. اڳوڻي حڪومتي دور جي پيش ڪيل رپورٽ کي غير تسلي بخش قرار ڏئي رد ڪيو هو.

هي به ڏسي سگهو ٿا

Imran Khan Peep Dwarf Dwarf: Shahbaz Sharif

عمران خان ڪي پي ڪي جو ٻيڙو غرق ڪيو: شهباز شريف

اسلام آباد(ويب ڊيسڪ)پاڪستان مسلم ليگ ن جي صدر ميان شهباز شريف چيو آهي ته ڪپتان  …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے