26 اربع , سيپٽمبر 2018

ادڪارا ميرا اسپتال بعد ”ميرا فائونڊشن“ جي نالي سان فنڊ ريزنگ مهم جي شروعات ڪري ڇڏي

actor Mira Hospital, named "meeraFoundation", started a fund-raising campaignلاهور(شوبز نيوز) اداڪارا ميرا فلاحي اسپتال کانپوءِ هاڻ” ميرا فائونڊيشن“ جي نالي سان پڻ فنڊ ريزنگ مهم شروع ڪري ڇڏي. اداڪارا ميرا اسپتال بعد سمورو ڌيان” ميرا فائونڊيشن“ نالي پروجيڪٽ ڏانهن آهي ۽ ان لاءِ هو دبئي ۾ ترسيل آهي. ان دورن هن ڪافي ماڻهن سان ملاقاتون ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي آهي، جنهن ۾ هن وقت تائين کيس ناڪامي ملي آهي. ان هن ”مهم“ لاءِ دبئي رهندڙ ڪجهه ماڻهن جون خدمتون پڻ حاصل ڪيون آهن، جيڪي هن جي ملاقات اهم ڪاروباري شخصيتن سان ڪرائڻ لاءِ ڪوششون ڪري رهيا آهن. هوڏانهن اداڪارا ميرا طرفان ان مهم ۾ فنڊ ريزنگ لاءِ پنهنجو ۽ اسٽار ميڪر جرار رضوي جو نمبر پڻ ڏئي ڇڏيو آهي، پر ان سلسلي ۾ جرار رضوي سان رابطو ڪيو ويو ته هن جو چوڻ هو ته اداڪارا  ميرا جي اسپتال ۽ ميرا فائونڊيشن سان ڪو به واسطو ناهي،  هن چيو ته سندس فون نمبر اجازت کان سواءِ ڏنو ويو آهي جيڪا انتهائي غير اخلاقي حرڪت آهي. اداڪارا ميرا جي ان پروجيڪٽ جي باري ۾ فلم انڊسٽري جي سنجيدا حلقن جو چوڻ آهي ته اداڪارا ميرا جو فني سفر تقريبن ختم ٿي چڪو آهي. هن پنهنجي ڪيرئير ۾ تمام بهترين فلمن ۾ ڪم ڪيو پر گذريل ڪجهه ورهين کان هو اهڙي”شهرت ۽ ڪم“ حاصل ڪرڻ لاءِ اسڪينڊلن جو سهارو وٺي رهي آهي ، ۽ ان سان نه رڳو سندس پر پاڪستاني فلم انڊسٽري جي ساک پڻ متاثر ٿي آهي. هن جڏهن اسپتال ٺاهڻ جو اعلان ڪيو هو ته ڪيترائي ماڻهون ساڻس گڏ هئا، پر اسپتال جي تعميرات لاءِ جمع ڪيل رقم اڄ تائين ڪنهن کي خبر ناهي تي ڪاٿي آهي؟ فلم انڊسٽري سان واسطو رکندڙ سينيئر اداڪارن چيو ته ميرا فلاحي ڪمن تي ڌيان ڏيڻ کان وڌيڪ پنهنجي نجي زندگي کي بهتري بڻائڻ تي توجهه ڏيڻ گهرجي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

From the beginning I'm not going to enter the item number: kubra khan

شروع کان چئي رهي آهيان ته آئٽم نمبر نه ڪنديس: ڪبريٰ خان

ڪراچي ( شوبز نيوز ) ويجهڙائي ۾ ريليز ٿيندڙ فلم ”طيفا اِن ٽربل“ جي آئٽم …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے