20 خميس , سيپٽمبر 2018

عام چونڊن ۾ مسلم ليگ ن ۽ پي ٽي آءِ ۾ چوٽيءَ جو مقابلو، لاهور جا 3 تڪ ڌيان جو مرڪز

لاهور ( ويب ڊيسڪ ) عام چونڊن ۾ تحريڪ انصاف ۽ مسلم ليگ ن ۾ چوٽيءَ جو مقابلو آهي، جڏهن ته لاهور جا 3 تڪ ڌيان جو مرڪز بڻجي ويا آهن. عام چونڊن ۾ لاهور ۾ قومي اسيمبلي جي 14 تڪن تي تحريڪ انصاف ۽ مسلم ليگ ن جي اميدوارن ۾ مقابلو ٿيندو. اين اي 131 تي سڀ کان وڏو مقابلو ٿيندو جتي تحريڪ انصاف چيئرمين عمران خان ۽ خواجه سعد رفيق ۾ دنگل ٿي رهيو آهي. لاهور جي اين اي 129 تي به چوٽيءَ جي مقابلي جو امڪان آهي جتي مريم نواز ۽ ڊاڪٽر ياسمين راشد آمهون سامهون آهن. ٽيون وڏو مقابلو اين اي 129 ۾ ٿيندو جتي اڳوڻو قومي اسيمبلي اسپيڪر اياز صادق ۽ تحريڪ انصاف اميدوار عبدالعليم خان آمهون سامهون آهن. ٽنهي تڪن ۾ نه رڳو پنجاب پر سڄي ملڪ ۾ خاص طور تي اهميت ڏني پئي وڃي پر نتيجا 25 جولاءِ تي ئي معلوم ٿيندا ته لاهور جوعوام ڪهڙي حق ۾ فيصلو ڪري ٿو.

هي به ڏسي سگهو ٿا

ڀارت سشما سوراج ۽ شاهه محمود قريشي جي ملاقات تي راضپو ڏيکاري ڇڏيو

نئين دهلي (ويب ڊيسڪ) وزيراعظم عمران خان جي خط جو جواب ڏيندي ڀارت گڏيل قومن …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے