18 اربع , جولاءِ 2018

پابندي مڙهيل تحريڪ طالبان مفتي نور ولي کي نئون امير مقرر ڪري ڇڏيو

ڪابل ( ويب ڊيسڪ ) تحريڪ انصاف پاڪستان مفتي نور محمد ولي محسود کي نئون سربراهه مقرر ڪري ڇڏيو آهي. محمد خراساني پنهنجي بيان ۾ ٻن اڳوڻن سربراهن جي ڊرون حملن ۾ مارجڻ بابت اشارو ڪندي چيو ته  اها فخر جي ڳالهه آهي ته تحريڪ طالبان پاڪستان جا اڳواڻ ميدان ۾ شهيد ٿي رهيا آهن. هن چيو ته ٽي ٽي پي شوريٰ مفتي نور ولي محسود کي نئون سربراهه چونڊيو آهي.  تحريڪ طالبان آمريڪي ڊرون حملي ۾ ملا  فضل الله جي مارجڻ جي تصديق ڪندي پنهنجي نئين سربراهه جو اعلان ڪيو. پرڏيهي خابرو ايجنسي موجب ٽي ٽي پي ترجمان محمد خراساني طرفان جاري ڪيل بيان ۾ ملا فضل الله جي مارجڻ جي تصديق ڪئي وئي آهي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

بلاول کي مسئلن جي ڪهڙي خبر، زرداري به جلد اڊيالا ويندو: عمران خان

جيڪب آباد (ويب ڊيسڪ) تحريڪ انصاف سربراهه عمران خان چيو آهي ته آصف زرداري ۽ …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے