21 جمعو , سيپٽمبر 2018

ڀارتي نوجوان انوشڪا ۽ ورات ڪوهلي ڏانهن قانوني نوٽيس اُماڻي ڇڏيو

ممبئي(شوبز نيوز) باليووڊ ادڪارا انوشڪا شرما ۽ ڀارتي ڪرڪيٽ ٽيم جي ڪپتان ورات ڪوهلي ڏانهن گند اڇلائيندڙ نوجوانن طرفان قانوني نوٽيس اُماڻيو ويو آهي. ڀارتي ميڊيا جي رپورٽن موجب ارهان سنگهه ٻڌايو آهي ته سندس قانوني صلاحڪار ورات ڪوهلي ۽ سندس گهرواريءَ انوشڪا شرما ڏانهن قانوني نوٽيس اُماڻيو آهي ۽ هاڻي بال سندن ڪورٽ ۾ آهي. ارهان سنگهه چيو ته هو ورات ڪوهلي ۽ انوشڪا جي جواب جو انتظار ڪري رهيو آهي. ياد رهي ته انوشڪا ۽ ورات ڪوهلي ڏانهن نوٽيس ارهان سنگهه اُماڻيو آهي جنهن کي انوشڪا گذريل ڏنهن لگزري ڪار مان گند اڇلائڻ تي ڇنڊ پٽي هئي، جنهن جي ويڊيو ورات ڪوهلي ٺاهي سوشل ميڊيا تي شيئر ڪئي هئي. ارهان سنگهه چائلڊ اسٽار جي حيثيت ۾ شاهه رخ خان جي فلم ۾ اداڪاري جا جوهر ڏيکاري چڪو آهي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

The film debates on the film 'thugs of hindostan' at the beginning of the role of Amitabh Bachchan

فلم ٺگز آف هندوستان ۾اميتاڀ بچن جي ڪردار جي پهرين جهلڪ جاري

ممبئي ( شوبز نيوز ) بالي ووڊ جي ايندڙ وڏي بجيٽ واري فلم” ٺگز آف …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے