20 خميس , سيپٽمبر 2018

شيخ رشيد احمد موٽرسائيڪل تي چونـڊ مهم شروع ڪري ڇڏي

راولپنڊي ( ويب ڊيسڪ ) عوامي مسلم ليگ جي سربراهه شيخ رشيد احمد موٽرسائيڪل تي چونڊ مهم شروع ڪري ڇڏي آهي. شيخ رشيد اين اي 60 ۽ 62 تي موٽرسائيڪل تي چڙهي پنهنجي مهم شروع ڪئي آهي. راولپنڊيءَ ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي عوامي مسلم ليگ جي سربراهه شيخ رشيد چيو ته اين اي 62 ۽ 60 جو دورو مهم جو حصو آهي، مس ڪپڙي ۽ بيٽ چونڊن ۾ ڪامياب ٿيندا. هن چيو ته چونڊن جي آخري 10 ڏينهن دوران سائيڪل تي مهم هلائيندس. سندس چوڻ هو ته جلد سائيڪل تي اچڻ وارو آهيان ان سان وزن به گهٽ ٿي ويندو. شيخ رشيد چيو ته اسان خلاف قبضو ۽ ڊرگس ڊيلر آهن، اسان کي عدالت مان صادق ۽ امين قرار ڏنو ويو، جڏهن ته ايفي ڊرين ڪيس جو فيصلو اڃا ٿيڻو آهي. هن چيو ته حالتون ڪهڙيون به هجن چونڊن طرف وڌڻ گهرجي، ڪو به شخص پنڊي وارن کي پئسي ذريعي خريد نه ٿو ڪري سگهي. سندس چوڻ هو ته آمرن خلاف به اسان پهريون نڪتاسين، نواز شريف کي عوامي مسلم ليگ گهر موڪليو، چوڌري نثار سمورن آزاد اميدوارن جو ليڊر هوندو.

هي به ڏسي سگهو ٿا

ڀارت سشما سوراج ۽ شاهه محمود قريشي جي ملاقات تي راضپو ڏيکاري ڇڏيو

نئين دهلي (ويب ڊيسڪ) وزيراعظم عمران خان جي خط جو جواب ڏيندي ڀارت گڏيل قومن …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے