20 خميس , سيپٽمبر 2018

چيف جسٽس آف پاڪستان پاران کنڀي گم ڪيلن جي بازيابيءَ جي خاطري

سڄي سنڌ مان کنڀي گم ڪيل قومي ۽ سياسي ڪارڪنن جي آزاديءَ لاءِ احتجاجن جو سلسلو هونئن ته گذريل سال کان جاري آهي پر انهن احتجاجن ۾ تيزي گذريل ٽن مهينن کان کنڀي گم ڪيلن جي وارثن جي جوڙيل هڪ فورم، ”وائس فار مسنگ پرسنس“جي پيلٽ فارم تي شدت سان جاري آهي جنهن جي سرواڻي کنڀي گم ڪيلن جا وارث ڪري رهيا آهن.

هڪ معلومات موجب کنڀي گم ڪيلن جو انگ تقريبا هڪ هزار جي لڳ ڀڳ ٿئي ٿو جڏهن ته تقريبا 160 جي لڳ ڀڳ اهڙا سياسي ۽ قومي ڪارڪن آهن جن جي گمشدگين جا ڪيئي ڪيس عدالتن ۾ هلندڙ آهن، جن مان گذريل ڏينهن ۾ ڪجهه ڪارڪن آزاد ڪيا ويا آهن، جنهن بعد سڄي سنڌ خوشيءَ جو اظهار ڪندي انهيءَ اميد جو اظهار ڪيو هو ته جيڪي باقي سياسي ڪارڪن اڃان نظر بند آهن انهن کي به فور طور تي آزاد ڪيو وڃي ته جيئن سنڌ مان غيريقينيءَ واري صورتحال جو خاتمو اچي،

انهيءَ سڄي منظرنامي ۾ اها ڳالهه انتهائي اهم آهي ته جنهن به کنڀي گم ڪيل ڪارڪن جي وارثن جڏهن به سندن آزاديءَ جو مطالبو ڪيو  ڪا پريس ڪانفرنس ڪئي آهي ته انهن هڪ ئي ڳالهه سامهون رکي آهي ته، ”جيڪڏهن اسان جي کنڀي گم ڪيل ٻچڙن تي ڪوبه سياسي، سماجي يا ڪو رياست جي خلاف بغاوت جو ڪيس آهي ته انهن کي عدالتن ۾ پيش ڪري کين صفائيءَ جو موقعو ڏنو وڃي ۽ جيڪڏهن سندن مٿان ڪو ڏوهه ثابت ٿئي ٿو ته انهن کي سزا ڏني وڃي“.

چيف جسٽس آف پاڪستان، جسٽس ثاقب نثار  لاڙڪاڻي جي دوري دوران کنڀي گم ڪيل نوجوان عاقب چانڊئي جي بازيابيءَ لاءِ سندس وارثن پاران گذريل هفتي کان ڪئمپ لڳل آهي جتي وائس فار مسنگ پرسن سنڌ جي اڳواڻن سميت، پيپلز پارٽيءَ ۽ ٻين سياسي پارٽين جا ڪيئي اڳواڻ اچي چڪا آهن جن مان اڪثر اڳواڻن ساڻن سهڪار جي پڪ ڪرائيندي وس وارن ادارن ۽ حڪومت کان سندن جي بازيابيءَ جو مطالبو ڪيو.

جڏهن ته گذريل ڏينهن لاڙڪاڻي جي دوري تي آيل چيف جسٽس آف پاڪستان جي دوري دوران ثاقب چانڊيو جي وارثن مان سندس ڀيڻ شازيه چانڊيو چيف جسٽس سان ملاقات ڪندي پنهنجا لُڙڪ روڪي نه سگهي ۽ هُن چيف جسٽس کان پنهنجي ڀاءَ جي بازيابيءَ جو مطالبو ڪيو، شازيا چانڊيو گم ڪيل ڀاءُ جي آزاديءَ لاءِ چيف جسٽس اڳيان احتجاج ڪندي روئي ويٺي، سندس چوڻ هو ته عاقب چانڊيو کي بنا جواز کنڀي گم ڪيو ويو آهي، شازيا چانڊيو چيف جسٽس اڳيان دانهيندي چيو ته سندس ڀاءُ جي جبري گمشدگي خلاف لڳاتار احتجاج باوجود ساڻن انصاف ناهي ٿي سگهيو، نوجوان کي آزاد ڪرائي سندن بيچيني ختم ڪئي وڃي.

ان موقعي تي چيف جسٽس آف پاڪستان جسٽس ثاقب نثار شازيا چانڊيو جي احتجاج جو نوٽيس وٺندي کيس انصاف ڏيارڻ جي خاطري ڪرائي آهي، اطلاعن موجب چيف جسٽس آف پاڪستان جسٽس ثاقب نثار سنڌ مان کنڀي گم ڪيلن متعلق پاڻ مرادو نوٽس وٺندي آءِ ايس آءِ، ڊي جي رينجرز سميت سمورن قانون لاڳو ڪندڙ ۽ حساس ادارن کي نوٽس جاري ڪندي جلد ڪيس جي ٻڌڻيءَ جو اعلان ڪيو آهي، واضع رهي ته تقريبا 160- سياسي ڪارڪنن جي گمشدگين متعلق ڪيس مختلف عدالتن ۾ هلندڙ آهن. شازيا چانڊيو سان ملاقات ۾ چيف جسٽس کيس خاطري ڪرائي ته اوهان سان انصاف ٿيندو ۽ جلد ئي اوهان جي ڀاءَ کي آزاد ڪيو ويندو.

چيف جسٽس آف پاڪستان جي نوٽس وٺڻ دوران ئي حيدرآباد ۾ کنڀي گم ڪيلن جي بازيابيءَ لاءَ هڪ بک هڙتالي ڪيئمپ هلندڙ آهي ان سان گڏ سنڌ جي ڪيترن ٻين علائقن ۾ به ڪئمپ هلندڙ آهن جڏهن ته کنڀي گم ڪيلن جي آزادي لاءِ ڪراچي پريس ڪلب آڏو عيد ڏينهن به ڪئمپ لڳل رهي جتي کنڀي گم ڪيلن جي وارثن عيد به هڪ هڙتالي ڪئمپ ۾ ڪئي…،

اسين سمجهون ٿا ته سنڌ مان کنڀي گم ڪيلن جي کنڀجڻ متعلق چيف جسٽس آف پاڪستان پاران پاڻ مرادو نوٽس وٺڻ هڪ وقتائتو قدم آهي، ڇو جو هاڻي انهن سڀني سياسي ڪارڪنن جا وارث احتجاج جو هر طريقو استعمال ڪري چڪا آهن، ۽ احتجاج جو هر جمهوري قدر اختيار ڪري چڪا آهن، پريس ڪلبن آڏو آحتجاج، پارليامينٽ آڏو احتجاج، عدالت آڏو اپيلون ، ، هو سڀ ڪجهه ڪري چڪا آهن، هاڻي اهڙو ڪو رستو باقي نه ٿو رهي جنهن تي هلي هو رياست کي انصاف ڪرڻ لاءِ چئي سگهن.

اسان اڳ به پنهنجي ڪيترن ايڊيٽوريلس ۾ ۽ اخبار جي ٻين صفحن تي کنڀي گم ڪيلن جي وارثن جو اهڙو درد، ڏک ۽ نياپو اعلى اختيارين تائين پهچائيندا رهيا آهيون ۽ سدائين اسان کنڀي گم ڪيل جي وارثن جو اهو موقف ورجائيندا رهيا آهيون ته جيڪڏهن اسان جي کنڀي گم ڪيل ٻچڙن تي ڪوبه سياسي، سماجي يا ڪو بغاوت جو ڪيس آهي ته انهن کي عدالتن ۾ پيش ڪري کين صفائيءَ جو موقعو ڏنو وڃي ۽ جيڪڏهن سندن مٿان ڪو ڏوهه ثابت ٿئي ٿو ته انهن کي قرار واقعي سزا ڏني وڃي”،

۽ اسان اهو موقف هڪ دفعو وري ورجائي رهيا آهيون ۽ ذميوار ادارن کي وري اپيل ڪري رهيا آهيون ته باقي نظر بند سياسي ڪارڪنن کي آزاد ڪري سنڌ مان بيچيني ختم ڪئي وڃي ۽ اسين هن موقعي تي پاڪستان جي سپريم ڪورٽ جي ازخود نوٽس واري عمل جي پڻ تاعيد، حمايت ۽ ساراهه ڪندي عدالت کان ڀرپور انصاف جي توقع ڪيون ٿا.

آچر 24 جون 2018ع، 9 شوال 1439 هه

هي به ڏسي سگهو ٿا

پاڪ – افغان لاڳاپا ۽ علائقي جو امن

افغانستان ۾ روس جي آمد بعد ۽ وري روس جي نيڪاليءَ بعد جيڪا جنگ شروع …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے