16 سومر , جولاءِ 2018

تاريخ جي وائڙي اليڪشن

مهتاب اڪبر راشدي

جيڪڏهن توهان کي اڄوڪي ڪالم جي عنوان سان اختلاف آهي ته معافي ٿي گهران پر يقين ڄاڻو ته هن مهل تائين 70 سالن جي تاريخ ۾ پنهنجي سمجهه ۾ جيڪي جمهوري ۽ غيرجمهوري دورن ۾ ٿيندڙ اليڪشنون ڏسڻ جو موقعو مليو آهي تن مان هن جهڙي چونڊ نه اڳي ڏٺي، نه ٻُڌي. هن ”مها جمهوري“ دور ۽ ڏهن سالن جي تسلسل وارين جمهوري حڪومتن کان پوءِ به نه ادارا سڌريا ۽ نه ئي چونڊن جي طريقي ڪار ۾ ئي تبديليون يا سڌارا آندا ويا آهن، هڪ سونهري دور پاڪستان پيپلز پارٽيءَ جو جڏهن صدارت ۽ وزارت اعظميٰ به انهن جي، ٻيا پنج سال (پڌري نه ڪيل معاهدي مطابق) نواز ليگ جي حوالي، جنهن ۾ نواز ليگ طرفان ”صُم بُڪم“ صدر ممنون حسين ۽ عقل ڪُل وزيراعظم نواز شريف حڪومت ڪئي. وري ٻنهي وزيراعظمن سان به عدالتن ”منصفاڻو “ورتاءُ ڪيو ۽ مدو پورو ٿيڻ کان سال ڏيڍ اڳ کين بدعنوانين جي الزام هيٺ عهدي ڇڏڻ تي مجبور ڪيو ويو، يوسف رضا گيلاني به اڃا تائين ڪورٽ جون حاضريون ڀريندو آهي ته نواز شريف تي هي ڳورو وقت به سال کن کان آيل آهي، جنهن تحت هو پنهنجي دختر نيڪ اختر سوڌو شاهي پروٽوڪول ۾ نيب ڪورٽ ۾ حاضري ڀرائي ٻاهر نڪري، پريس/ميڊيا کي پنهنجي زيارت ڪرائي، دانش جا نقطه ٻڌائي ڏينهن جي ڪارروائي وجهي روانو ٿي ويندو آهي.

اڄوڪي صورتحال پيدا ٿيڻ کان اڳ ۾ ئي 2018ع جي چونڊن جي سلسلي ۾ مختلف خدشن جو اظهار ٿيندو رهيو آهي، سوال اهو ٿو پيدا ٿئي ته جمهوري حڪومتن جي ڏهن سالن جي تسلسل ۾ اهڙي قسم جي خدشن کي ختم ڪرڻ جون ڪوششون ڇو نه ڪيون ويون؟. جڏهن هنن کي اها خبر هئي ته اسيمبلين جي مدي پوري ٿيڻ جي ٽن مهينن کان پوءِ چونڊون ٿيڻيون آهن ته پوءِ ان لاءِ سڀني گهرجن کي نظر ۾ رکندي ان جي تياري ڇو نه ڪئي وئي؟.  جيڪڏهن مختلف سياسي ۽ سماجي حلقن طرفان، اليڪشن ڪميشن جي بااختيار هئڻ تي خدشا ڏيکاريا ويا ته انهن کي خودمختيار ڪرڻ لاءِ ”جمهوري“ حڪومتن ڇا ڪيو؟جيڪڏهن سياسي ليڊرن سميت عوام جي وڏي طبقي به چونڊن جي طريقي ڪار ۾ تبديلي ۽ سڌارن جي تقاضا ڪئي ته ان تي غور ڇو نه ڪيو ويو؟ بايو ميٽرڪ مشين کي چونڊن ۾ متعارف ڪرڻ تي ڇو نه ڪم ڪيو ويو؟

ان ڳالهه ۾ ته ڪو شڪ ئي ناهي ته 1970 وارين چونڊن کان پوءِ ٿيندڙ چونڊون شڪ ۽ تڪرارن جو شڪار رهيون آهن، 2013 واري اليڪشن کي ان جو سڀ کان وڏو مثال ڪري پيش ڪري سگهجي ٿو، جن کي Orchestered  يا سوچي سمجهي جوڙيل چونڊون چيو ويو پر هي 2018 واريون ٿيندڙ چونڊون ته ان سلسلي ۾ اڃا به چار قدم اڳڀرو نظر ٿيون اچن. ڇاڪاڻ ته اسان مستقبل جي منصوبابندي ۾ نه يقين ٿا رکون ۽ نه ئي ان جا قائل آهيون، ان ڪري جيستائين پاڻي سر تائين نه پهچي، پاڻ بچائڻ جي ڪوشش ڪرڻ حرام آهي. هن دفعي به ايئن ئي نظر پيو اچي، قومي اسيمبليءَ جي سڀني ”جمهوري“ پارٽين چونڊ فارم کي ايترو ته آسان بڻائي ڇڏيو جو ملڪ جي اعليٰ عدالت کي وچ ۾ ٽپڻو پيو ۽ چونڊ فارم سان گڏوگڏ هڪ حلف نامو به ٽنبي ڇڏيو، جنهن ۾ غلط بياني جي صورت ۾ اميدوار کي ڏکيا ڏينهن ڏسڻا پئجي سگهن ٿا، اهو حلف نامو ڀرڻ ايئن آهي جيئن ڪو پي ايڇ ڊي جو مقالو لکندو هجي، هر اميدوار طرفان پنهنجا ۽  پنهنجي گهر ڀاتياڻي جي نالي ملڪيتن جا تفصيل ۽ صحيح دستاويز (ٺهرائي) مختصر وقت ۾ مهيا ڪرڻ ايترو سولو ته ڪو نه هو، گهر ڀاتياڻيءَ کي به اوچتو خبر پئي هوندي ته هو لک پتي نه پر ڪروڙ پتي آهن، بلڪه هڪ ٻن ڪيسن ۾ ته زالون ارب پتي نڪري پيون آهن، نه رڳو ايترو پر سندن مڙسن انهن کان ڪو قرض به ورتو آهي، جيڪو اڃا ادا ڪو نه ڪيو اٿن.

پنجاب ته پنجاب پر سنڌ جي جمهوري چونڊ نمائندن جي ملڪيتن جا تفصيل ڏسي، سنڌ جي غربت، بيروزگاري ۽ بيمارين ۾ ورتل عوام جا ته هوش ئي اڏامي ويا آهن، هو ته ان تي حيران پريشان ۽ ششدر آهن ته هيتري ملڪيت ۽ مال متاع هوندي به هنن کي ڪهڙي پِٽ آهي، جو عوام جي غم ۾ هنن جون ننڊون ڦٽل آهن؟. سکر جو عوام ته وري ٻئي صدمي ۾ ورتل آهي، سندن تڪ ۾ بيهندڙ تجربيڪار، کڙپيل ۽ وڏا عهدا ماڻيندڙ ۽ قومي اسيمبلي جي اڳوڻي ليڊر آف اپوزيشن جي (رڳو) ٽن ڪروڙن جا اثاثا ۽ ٽن لکن جي ماليت وارو گهر ڏسي هو سخت احساس ڪمتري ۾ مبتلا ٿي ويا آهن، سندن تڪ جو اميدوار ايترو غريب؟ ان کان ته سندن اوڙي پاڙي ۽ ڪالهه کنڀين وانگر ڦٽل نوان ليڊر چڱا نڪتا! خيرپوري ۽ نوابشاهي نمونا تڪڙا نڪتا! افسوس! شاهه صاحب جا ووٽر ۽ سپورٽر ڀلي ته پريشان هجن پر منهنجو سوال اڃا ٻيو آهي، هن حلف نامي داخل ڪرائڻ کان پوءِ ڇا ان حلف نامي تي اڳتي هلي ڪا تفتيش ٿيڻي آهي؟ يا اهي ظاهر ڪيل (غلط يا صحيح) اثاثا، بنا سوال جواب جي قانوني شڪل يا دستاويز جي حيثيت ۾ تسليم ڪيا ويندا؟ جي ايئن آهي ته سڀني ارب پتين کي مبارڪباد، جن پنهنجي ”موروثي“ ۽  عوام کان ڦريل ملڪيتن ۽ غير ملڪن ۾ پنهنجي ڪاروبار کي پاڪستاني عوام ۽ ادارن کان لڪائي رکيو هو، سي ملڪيتون (شايد) قانوني طريقن سان ٺاهيل ملڪيتن ۾ شمار ٿي وڃن.

اها به عجيب ڳالهه آهي ته ان حلف نامي ۾ موجود ملڪيتن جا تفصيل ته گهريا ويا آهن پر آمدني جا ذريعا ڪو نه پڇيا ويا آهن. اهي سڀ قسم ۽ کوٽ انهن ئي ادارن جا پيدا ڪيل آهن جيڪي اهڙن غيرقانوني آمدنين کي تحفظ ڏيڻ لاءِ وقت به وقت انهن قوم جي خادمن لاءِ چور دروازا کليل رکڻ وارا قانون ۽ طريقي ڪار واضح ڪندا رهيا آهن. اليڪشن ڪميشن ته اهي فارم به ڀرايا ۽ انهن کي خوردبينيءَ سان جاچڻ وارو Scrutiny  واري مرحلي به گذاريو پر وڏو تماشو ته اهو ٿيو ته هڪ اميدوار جنهن چئن تڪن تان پنهنجا فارم ڀرايا، ظاهر آهي ته انهن فارمن ۾ هن ملڪيتن جا ساڳيا ئي تفصيل ڏنا هوندا، ان جا فارم ٻن آر او منظور ڪيا ته ٻن تڪن تان رد ٿيا، هي ڪهڙو تماشو آهي، اهي قانوني پيمانا، هر صوبي ۾ مختلف آهن؟ قانوني تشريحون، مختلف ڪيئن ٿيون ٿين، اهي مونجهارا پيدا ڪرڻ وارا ڪير  آهن؟. هاڻي ٻڌايو وڃي ته اليڪشن ڪميشن انهن تي ڪهڙيون سزائون تجويز ڪندي؟

ملڪ ۾ ڪهڙو قانون ۽ طريقيڪار موجود آهي جيڪو هنن ”غريب“ سياستدانن جي سياسي ڪيريئر جي شروعات کان سرو پڪڙي ۽ جاچي ته هنن جي ڪروڙ پتي ۽ ارب پتي ٿيڻ جو سفر ڪٿان شروع ٿيو، پر ايئن ڪرڻ سان جيڪو ڌمچر مچندو ۽ ڌمال پوندي، تنهن کي منهن ڏيڻ لاءِ ملڪ جو سسٽم تيار آهي به الائي نه.

جي هي وائڙيون چونڊون ايئن ٿيون ته نتيجا اهي ئي نڪرندا، جيڪي گهڻو تڻو پوين ڏهن سالن ۾ نڪتل آهن، وڌ ۾ وڌ، پنجاب مان نواز شريف ڪاٽا ٿيندو، پيپلز پارٽي سنڌ تائين محدود رهي، ايئن ئي رهندي، ڪجهه سيٽون وڃائيندي، ان پارٽيءَ جا گهڻا  Elect able پنهنجي مرضي ۽ تعداد جا تڪ نه ملڻ تي آزاد اميدوار طور بيهڻ شروع ٿي ويا آهن، ن ليگ ۾ به ساڳيو لقاءُ پيو هلي، تحريڪ انصاف به پنهنجن فيصلن خلاف ڪارڪنن جي ڌرڻن ۽ ڪروڌ کي منهن پئي ڏئي، علامه اقبال جي پوٽي وليد اقبال به پنهنجي ڏاڏي جي سنت تي هلندي لاهور جي ڪارڪنن جو ”شڪوو“ ڪالهه پريس ڪانفرنس ذريعي پنهنجي پارٽيءَ جي سربراهه کي پڄائي ڇڏيو، جواب شڪوه جو انتظار آهي.

اها به حقيقت آهي ته سياسي پارٽين جا ورڪرز ته پنهنجين پارٽين لاءِ ”ٻارڻ“ طور استعمال ٿيندا آهن، انهن جو ڪم رڳو جلسن لاءِ ماڻهو ميڙڻ، نعريبازي ڪرڻ، جلسي گاهه ڀرڻ، جهيڙن ۾ ڏنڊا کائڻ ۽ آخر ۾ ڪنهن انڌي گوليءَ جو شڪار ٿي ”شهيد“ ٿي وڃڻ آهي، اهڙن ورڪرن ۽ ڪارڪنن جو اسيمبلين ۾ ڪهڙو ڪم؟ اقتدار هنن لاءِ ڇو هجي؟!!.

سڄي ملڪ ۾ سڀني پارٽين ۾ ساڳيو لقاءُ لڳو پيو آهي، بدزباني ۽ گارگند زورن تي آهي  ۽ پارٽيءَ جو گند، وچ چوراهن تي پيو ڌوپجي، وڏي واڪي اعلان پيا ڪيا وڃن ته فلاڻي يا فلاڻي جا نه بوٽ پالش ڪنداسين نه مالشي ٿينداسين. اها هوا گهلي پئي آهي پر انهن تي گهڻوا عتبار به ناهي، اهي سڀ هڪ ٻن سيٽن جي مار آهن، جي ملي ويون ته پوءِ بوٽ پالش ڪرڻ ۾ ڇاهي؟.

باقي عوام جون اکيون ڪجهه مٽيل ٿيون نظر اچن، سوشل ميڊيا تي وائرل ٿيل ڪجهه وڊيوز ماڻهن کي هڪ راهه ڏيکاري ڇڏي آهي، پنهنجي تڪ ۾ ووٽ گهرڻ وارا ڀوتار پنج سال پراڻين فوتگين جي فاتحه لاءِ جڏهن ماڻهن وٽ پهچن ٿا ته خاص طور تي نوجوان مٿن سوالن جا حملا ٿا ڪن، ايترا جو کين پوئين پير موٽڻو ٿو پوي، جمال دين لغاري، سليم مزاري، نثار کهڙو ۽ نعيم کرل جون وڊيوز گردش ۾ آهن، نئون ديرو هائوس تي چانڊين سردارن کي ووٽ ڏيڻ خلاف ماڻهن جو احتجاجي ڌرڻو، سهيل انور سيال جي ”بم پروف“ گاڏيءَ کي روڪڻ جي ڪوشش… لڳي ٿو ته عوام جي ڪروڌ ۽ نفرت جي هڪ ننڍڙي ابتدا ۽ اظهار آهي پر اها راند جتي ڪٿي شروع ٿي سگهي ٿي.

پڇاڻي ڪرڻ جو اهو به سٺو طريقو آهي پر اهو مسئلي جو حل ناهي، عوام پنهنجي پارٽين ۾ متحرڪ ۽ مڊل ڪلاس ورڪرز کي نمائندگي ڏيارڻ ۾ ناڪام رهيو آهي، مڊل ڪلاس متحرڪ به گهٽ آهي ته ڇڙوڇڙ به، انهن کي هڪ پليٽ فارم تي گڏ ٿي ڪنهن متحرڪ ۽ متفق ليڊر کي ڳولڻو پوندو. مڊل ڪلاس ۽ دانشور طبقي سان ويڌن اها آهي ته اهي پاڻ کي ئي ليڊر ۽ دانشور سمجهن ٿا، ان صورتحال ۾ سنڌ جي سورن جو خاتمو اڃا پري ٿو نظر اچي، پارٽين وٽ هڪ ڀوتار جو متبادل به ٻيو ڀوتار ئي آهي، وچولي طبقي وارو اڃا انهن جي آڏو ڪرسيءَ تي ويهڻ جو به روادار ناهي، افسوس ته جيڪي ڀوتارن کي نيڪالي ڏيڻ جي ڳالهه ڪن ٿا اهي وري پنهنجي سوچ ۽ عمل ۾ انهن کان به وڏا ڀوتار آهن.

معاشي صورتحال جي ابتري، ملڪي سرحدن تي لامارا ڏيندڙ غيرملڪي حملن جا خدشا، طالبان جون امن ۽ امان ابتر بڻائڻ جون ڪوششون، سياستدانن جا ظاهر ٿيل مالي اثاثا ۽ ٻين لفظن ۾ مالي ڊاڪن، چورن ۽ ڌاڙيلن جي فوج جو ظاهر ٿيڻ، چونڊ وڙهندڙن جي نگران حڪومتن ۽ انتظاميا تي بي اعتمادي، ايتري ظاهر ظهور ٿي پئي آهي جو اهڙين چونڊن جي نتيجي ۾ جيڪي اسيمبليون جڙنديون سي ڏسڻ جهڙيون ته هونديون پر اسان کي ۽ اسان جي ٻچن کي ڀوڳڻيون به پونديون.

هي به ڏسي سگهو ٿا

صنعتي انقلاب تي وياج خور بينڪاري ۽ سرمائيداري معاشي بالادستي

پريم مٿراڻي آخري حصو: آمريڪي سرزمين تي يورپي قانونسازي وارو سياسي عمل ۽ سرمائيداري آمريڪي …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے