22 آچر , جولاءِ 2018

افغان سرڪار ۽ طالبان وچ ۾ ٿيل عارضي جنگبندي

مدد علي سنڌي

افغانستان ۾ عيدالفطر جي موقعي تي سرڪار ۽ طالبان جي وچ ۾ ٿيندڙ عارضي جنگبندي آخرڪار جٽادار ثابت نه ٿي، ۽ نتيجي ۾ ٽن ڏينهن تائين هلندڙ جنگبندي وارو مدو ختم ٿي ويو جنهن کانپوءِ طالبان، جنگبندي ۾ توسيح واري ڳالهه کي رد ڪري ڇڏيو.

ياد رهي ته هن کان اڳ امن ڪائونسل ويڙهاڪن تي زور ڀريو هو ته اهي ٻيهر جنگ طرف نه موٽي اچن. ۽ افغانستان جي صدر اشرف غني به طالبان سان ٿيندڙ ٽن ڏينهن واري جنگبندي جي هڪ طرفي توسيح جو اعلان ڪندي چيو هو ته حڪومت طالبان سان ڳالهيون ڪرڻ لاءِ تيار آهي. ان کان اڳ جڏهن عيد جي موقعي تي ٽن ڏينهن لاءِ جنگبندي ٿي، ته ڪيترائي غير هٿياربند طالبان، ڪابل ۽ ٻين شهرن ۾ داخل ٿيا، انهن عام ماڻهن سان گڏ عيد نماز پڙهي ساڻن عيد مليا. پر ان کانپوءِ ستت جلال آباد، شهر ۾ گورنر هائوس ٻاهران هڪ خودڪش بم ڌماڪي ۾ ڏهه ماڻهو مارجي ويا، هي بم ڌماڪو ان وقت ٿيو، جڏهن طالبان گورنر هائوس ۾ گورنر سان ملاقات ڪري رهيا هئا. هن واقعي کان اڳ به هڪ ٻئي بم ڌماڪي ۾ 30 ماڻهو  مارجي ويا هئا. انهيءَ بم ڌماڪي جي ذميواري دولت اسلاميا وارن پاڻ تي کڻي ورتي هئي. هوڏانهن ڪابل ۾ جنگبندي ٿيڻ کانپوءِ افغان طالبان گھرو معاملن واري وزير ويس برمڪ سان پڻ ملاقات ڪئي هئي. ان وقت افغان صدر اهو چيو هو ته حڪومت طالبان سان ڳالهيون ڪرڻ لاءِ تيار آهي. جڏهن ته طالبان، جيڪي به مسئلا آڏو رکيا ته انهن تي ڳالهيون ڪنداسين.

هوڏانهن عيدالفطر تي طالبان ۽ سرڪار جي وچ ۾ ڳالهيون ۽ گڏجي عيد نماز پڙهڻ واري معاملي تي آمرڪي صدر ٽرمپ پڻ خوشي جو اظهار ڪيو هو. ساڳئي وقت آمريڪي پرڏيهي وزير مائيڪ جو چوڻ هو ته طالبان ۽ افغان سرڪار جي وچ ۾ ٿيندڙ ڳالهين ۾ بين القوامي فورسز ۽ ڌرين جي ڪردار بابت ڳالهه ٻولهه ٿيڻ گھرجي. هن جو چوڻ هو ته آمريڪا افغانستان ۾ سمورين ڌرين سان امن ٺاهه ۽ سياسي حل تي گڏجي ڪم ڪرڻ لاءِ تيار آهي جنهنجي نتيجي ۾ هن جنگ جو مستقل طرح خاتمو اچي ويندو.

ياد رهي ته هن کان اڳ افغانستان جي صدر اشرف غني انهيءَ ڳالهه جي تصديق ڪئي هئي، آمريڪي ڊرون حملي ۾ طالبان ليڊر ملا فضل الدين مارجي ويو هو. هاڻي اچو ته طالبان ۽ افغان سرڪار جي وچ ۾ ٿيندڙ عارضي جنگبندي بابت ڪجھه حال احوال ڪريون، افغان حڪومت طرفان گذريل اربعا تائين جنگبندي جو اعلان ڪيو ويو هو. جنهن بعد افغان طالبان به جنگبندي جو اعلان ڪيو. جنهن جي نتيجي ۾ ڇنڇر تي عيدالفطر جي موقعي طالبان پنهنجن ويڙهاڪن جي هدايت ڪئي هئي ته عيد جي موڪلن ۾ هو پنهنجي سموري ڪارروائي کي روڪي ڇڏين. پر جيڪڏهن مٿن ڪو حملو ٿئي ٿو ته پوءِ هو پنهنجو دفاع ڪري سگھن ٿا. ياد رهي ته سال 2001ع ۾ آمريڪا ۽ سندس اتحادين طرفان افغانستان ۾ شروع ڪيل ڪارواين کانپوءِ هي پهريون ڀيرو هو جو طالبان جنگبندي ڪئي هئي.

بهرحال تمام تر ڪوششن کانپوءِ افغانستان ۾ طالبان ۽ حڪومت جي وچ ۾ جنگبندي جو خواب ساڀيا ته ٿي سگھيو ۽ افغان حڪومت هڪ طويل وقت کان وٺي گھرو لڙائي جي عذاب ۾ ڦاٿل آهي، ۽ وڏي ڳالهه ته اتي خبر ناهي اڃا ڪيتري وقت تائين غير ملڪي فوجين، مذهبي شدت پسندن، ۽ خود نالي ماتر قائم افغان سرڪار جي وچ ۾ ويڙهه هلندي رهندي.

هن وقت صورتحال اها آهي جو افغانستان ۾ آمريڪي فوج، طالبان کي شڪست ڏيڻ ۾ ناڪام ٿي آهي، جن تي اربين ڊالر خرچ ٿي چڪا آهن، جڏهن ته ان کانپوءِ طالبان افغانستان جي 70 سيڪڙو علائقي ۾ سرگرم عمل آهن. پرڏيهي ايجنسين طرفان ڪيل سروي موجب سال 2014ع کان وٺي، افغانستان ۾ طالبان جو اثر رسوخ وڌيو آهي. پر افغان سرڪار ان ڳالهه جي ترديد ڪندي چوي ٿي ملڪ جي وڏي تعداد وارن علائقن تي سندس ڪنٽرول آهي. ياد رهي ته افغانستان طالبان کانپوءِ دولت اسلاميا جا ويڙهاڪ به سرگرم آهن، جيڪي اڪثر خودڪش حملن وارن واقعن جي ذميواري قبول ڪندا ٿا اچن.

هتي اهو به سوال اٿاريو پيو وڃي ته ڇا افغانستان جي فوج، طالبان يا ٻين ويڙهاڪن سان مقابلو ڪري سگھندي. ڇاڪاڻ نه هن کان اڳ طالبان طرفان جيڪي به حملا ڪيا ويا آهن، انهن مان محسوس ٿو ٿئي ته اهي ڪيڏا ته منظم آهن. مثال طور هڪ سال اڳ يعني سال 2017 ع ۾ 10 طالبان، جنهن ريت ٽرڪ ۾ سوار ٿي، افغان فوجين جون ڊريسون پائي، مزار شريف ۾ واقع افغان فوجي اڏي تي اچي حملو ڪري 170 افغان فوجين کي ماري ڇڏيو، اهو هڪ منظم رٿابندي جو نتيجو هو. هن واقعي کانپوءِ افغانستان جي وزير عبدالله، فوجي سربراهه قديم شاد، ۽ فوج جي 4 ڪور ڪمانڊرن کان استعفا ورتي وئي هئي. ان وقت اهو به چيو ويو هو ته طالبان کي افغان ڇانوڻي جي اندران ڪجھه فوجين جي مدد حاصل هئي، اهو ئي سبب آهي جو خود آمريڪا به اها ڳالهه سمجھي ٿو ته افغانستان ۾ حڪومت کي خطرو ڪنهن ٻئي کان نه پر طالبان کان آهي، ۽ انهيءَ ئي سبب جي ڪري هن عيدالفطر تي ٿيل جنگبندي تي آمريڪا خوشيءَ جا بغل وڃايا هئا. پر اها خوشي به ديرپا ثابت نه ٿي. چوڻ ۾ اچي ٿو ته افغانستان جي فوج  افراتفري جو شڪار آهي. هوڏانهن آمريڪا افغانستان ۾ پنهنجي اتحادي فوج ۽ افغان سرڪار جي مدد سان ڪاررواين ۾ مشغول ته آهي، پر آمريڪا جو گھڻو زور ڊرون حملن تي آهي، جن ۾ هن وقت تائين بيت الله محسود، حڪيم الله محسود، ۽ تازو طالبان ليڊر ملا فضل الله جي مارجڻ وارو واقعو اهم آهي.

بهرحال هڪ اهڙو ملڪ جتي ورهين کان وٺي گھرو لڙائي، هلندڙ هجي، اتانجي اندروني حالتن جو ڪنهن جائزو وٺڻ جي ڪوشش ئي نه ڪئي آهي، افغانستان هڪ اهڙو ملڪ آهي، جنهن ۾ عام ماڻهن جي سهولت لاءِ ڪابه ريلوي جي سهولت موجود ڪونهي ۽ اتي لکين ٻار اڄ به اسڪولن ۾ نٿا وڃي سگھن. هڪ سروي موجب افغانستان ۾ 37 لک ٻار اسڪول نٿا وڃن، جن ۾ 27 لک ڇوڪريون پڻ شامل آهن. وڏي ڳالهه اها ته افغانستان ۾ سرگرم ڪجھه شدت پسند تنظيمون ملڪ ۾ ڇوڪرين کي تعليم ڏيڻ جي سخت خلاف آهن، جن ملڪ ۾ ڪيترن ئي گرلس اسڪولن کي زوري بند ڪرائي ڇڏيو آهي.

ٻئي طرف ننڍي ڄمار جا ٻارڙا، جيڪي اسڪول نٿا وڃن، تن کي ننڍڙي ڄمار ۾ دهشت گرد تنظيمن ۾ شامل ڪرڻ لاءِ زور ٿو ڀريو وڃي. ياد رهي ته دنيا ۾ اڃا به 10 ملڪ اهڙا آهن جتي ڇوڪرين جو اسڪول ۾ وڃڻ مشڪل ڪم آهي انهن ملڪن ۾ سوڍان، افغانستان، نائجيريا، گني، چاڍ، ايٿو پيا، مالي، لائبيريا، برڪينا فاسو، سينٽرل آفريڪن ريپلڪ، ۽ ڏکڻ سوڊان، شامل آهن. بهرحال 34.66 ملين جي آبادين وارو هي ملڪ افغانستان، جنهن ۾ اپريل، 1709ع ۾ هوتڪ بادشاهت قائم ٿي، اتي 17 جولاءِ 1973ع تائين بادشاهت، ظاهر شاهه جي حڪومت تائين قائم رهي. 652.864 ڪلو ميٽر تائين وسيع ايراضي رکندڙ هن ملڪ جون سرحدون پاڪستان، ازبڪستان، ترڪمنستان، ايران، ۽ تاجڪستان سان ملن ٿيون، جڏهن ته سڄي ملڪ ۾ 34 صوبا آهن، وڏي ڳالهه ته پاڪستان سان افغانستان جو بارڊر 243 ڪلو ميٽر ڊگھو آهي. جنهن ۾ هندوڪش ۽ يامير جبل اچي وڃن ٿا.

اها سرحد جنهن کي ڊرينڊ لائين به چون ٿا، سال 1846ع ۾ ان وقت جي برٽش انڊيا جي آفيسر مسٽر مارٽم ڊرينڊ ۽ افغانستان جي بادشاهه امير عبدالرحمان خان جي وچ ۾ سال 12 نومبر 1893ع تي ٺاهه واريون صحيون ڪرڻ بعد وجود ۾ آئي هئي، ياد رهي ته 1947ع ۾ جڏهن پاڪستان ٺهيو، ته ان وقت گڏيل قومن واري اداري ۾ پاڪستان کي ميمبر ڪرڻ واري سوال تي افغانستان جي حڪومت مخالفت ڪئي هئي، ان ڏينهن کان وٺي، پاڪستان ۽ افغانستان جا تعلقات ڪڏهن سرد ته ڪڏهن گرم رهيا آهن.

هي به ڏسي سگهو ٿا

هي ”رستا روڪ“ نه پر ”عوامي پڇاڻو“ آهي

محسن خاصخيلي پاڪستان ۾ ٿيندڙ چونڊن ۾ 100 ڪلاڪن کان به گهٽ وقت وڃي بچيو …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے