16 سومر , جولاءِ 2018

کنڀڻ ۽ گم ڪرڻ وارو سلسلو آخر ڪيستائين؟

رحمت علي تنيو

سڄي ملڪ ۾ نامعلوم ماڻهن هٿان ماڻهن کي کنڀڻ ۽ کين گم ڪرڻ جو سلسلو ڪيترن ئي ورهين کان جاري آهي. رات پيٽ ۾ هزارين ماڻهن کي کنڀي گم ڪيو وڃي ٿو، ڄڻ ڪي راند هجي جيڪا کيڏندي  ماڻهو گم ڪرڻ وارا لطف اندوز ٿيندا هجن. پر اها خبر کنڀي گم ڪيلن جي وارثن کي ته ڪيئن اهي پنهنجي پيارن جي  ڳولا ۾تڙپندا رهن ٿا. ڪيتري ئي عرصي کان سنڌ مان کنڀي گم ڪيل سياسي سماجي ڪارڪنن جا وارث انصاف لاءِ روڊن رستن تي آهن، نه رڳو وارث پر سڄي سنڌ سميت ملڪ جي ٻين حصن جا همدرد به احتجاجن ۾ ساڻن گڏ آهن.

20 مئي تي ڪراچي ڪيمپ تي حملي بعد گم ڪيل سياسي سماجي ڪارڪنن جي آزادي لاءِ سڄي سنڌ ۾ هن ڏينهن تائين بک هڙتالن جو سلسلو جاري آهي، سخت گرمين ۽ ڪانوَ جي اک ڪڍندڙ اُس ۾ کنڀي گم ڪيلن جون نياڻيون، پٽ، ڀائر، ڀيڻون ۽ سندن همدرد پنهنجي پيارن جي آزاديءَ لاءِ روڊن تي آهن.

نه رڳو سنڌ پر سڄي ملڪ مان سياسي، سماجي ڪارڪن، اديبن ۽ صحافين توڙي کنڀي گم ڪيلن جي آزاديءَ لاءِ متحرڪ انساني حقن جي ڪارڪنن کي کنڀي گم ڪيو ويو آهي. انهن سان گڏ پابندي پيل تنظيمن جا مبينا ڪارڪن به کنڀي گم ڪيا ويا آهن ته سوشل ميڊيا ايڪٽوسٽ ۽ بلاگر به کنڀي گم ڪيلن جي فهرست ۾ شامل آهن. انهن منجهان ڪن کي خاموشي سان آزاد به ڪيو ويو آهي، پر تمام وڏو انگ جبري طور باندي بڻايل آهن.

سوال اهو اڀري ٿو ته ڇا جبري گمشدگين کي ڪنهن به ريت جائز قرار ڏئي سگهجي ٿو؟ تازو سپريم ڪورٽ جي چيف جسٽس جي صدارت هيٺ ٿيل قومي جوڊيشل ڪانفرنس جي گڏيل پڌرائي ۾ جبري گمشدگين کي ڏوهه ۽ ناقابل جواز قرار ڏنو ويو آهي، پر ان باوجود به جبري گمشدگين جو سلسلو رڪجي ناهي سگهيو. اڃا تائين ڪيترن ئي احتجاجن، بک هڙتالن، عدالتن سان رابطي، پارليامينٽ ۾ انساني حقن جي اسٽيڊنگ ڪميٽين تائين آواز پهچائڻ باوجود جبري گمشدگين جو سلسلو ختم ناهي ٿي سگهيو.

پتو پوي ٿو ته پاڪستان ۾کنڀي گم ڪرڻ جو سلسلو افغانستان تي آمريڪي حملي بعد شروع ٿيو هو. سڀ کان پهرين القاعده سميت عسڪريت پسند جهادي ۽ فرقيوار دهشتگرد تنظيمن سان واسطو رکڻ جي شڪ ۾ ماڻهو کنڀيا ويندا هئا، پوءِ اهو دائرو مذهبي  ۽ سياسي پارٽين جي ڪارڪنن تائين وڌايو ويو. انهن ئي ڏهاڙن دوران بلوچستان ۾ بي چيني وڌي وئي ته بلوچن جي جبري گمشدگين ۾ تيزيءَ سان واڌ ٿيندي وئي. ڪيترن ئي ورهين کان ايڪٽيوسٽ ۽ ٻيا  اسلام آباد تي الزام هڻن ٿا ته بلوچ قومپرستن جي بغاوت کي چٿڻ لاءِ جبري گمشدگين کي هڪ اوزار طور استعمال ڪيو پيو وڃي. سندن الزام آهي ته اسلام آباد بلوچ قومپرست ڌڙن جي هزارين ايڪٽيوسٽس ۽ حامين کي جبري طور گم ڪري رهيو آهي. حڪومت پاران جوڙيل ڪميشن بلوچستان مان رڳو جبري گمشدگين جا 3 سئو 48 ڪيس رڪارڊ ڪيا آهن.

سوات سميت پشتون علائقن ۾ آپريشن شروع ٿيو ته ان دوران ڪيترن ئي ماڻهن کي کنڀي گم ڪيلن جو خبرون عام ٿيون. ڪي پي ڪي ۽ فاٽا جي علائقن ۾ جبري گمشدگين جي ڪيسن جو تمام وڏو انگ آهي. حڪومت پاران جوڙيل ڪميشن موجب ان خطي مان 2 هزار هڪ سئو 57 ڪيس رپورٽ ٿيا آهن.

دهشتگردي ۽ گهرو ويڙهه جا مک متاثر به ڪي پي ڪي ۽ قبائلي علائقا رهيا آهن. هڪ پاسي سال2003ع کان شروع ٿيندڙ ان ويڙهه ۽ دهشتگردي خلاف جنگ  ۾ هزارين شهري، سپاهي ۽ دهشتگرد مارجي چڪا آهن ته ٻئي پاسي سوين پشتون به جبري طور کنڀيل آهن. هن سال جي مهيني فيبروري کان پشتون تحفظ تحريڪ شهري حقن جي وڏي تحريڪ اڀري آهي. جبري گمشدگين وارو معاملو پي ٽي ايم جي مڙني مطالبن منجهان ٽاپ مطالبو آهي. جنهن جو چوڻ آهي ته جنهن تي به ڪا چارج آهي ته کيس عدالت آڏو پيش ڪيو وڃي. هوڏانهن فوج پي ٽي ايم جي الزامن کي رد ڪندي چيو آهي ته اها جبري گمشدگين ۽ عدالتن کان مٿانهين قتلن سميت دهشتگردن کي سپورٽ نٿي ڪري. پي ٽي ايم جي احتجاجي ميڙاڪن جو گهٽ ۾ گهٽ اهو اثر ٿيو آهي جو ڪيترائي  جبري گمشدگين جا متاثر گهر موٽيا آهن.

سنڌ ۾ سياسي، سماجي ڪارڪنن،  صحافين، اديبن ۽ شاعرن سميت شاگردن کي به کنڀي گم ڪيو ويو آهي.  هن وقت ٻڌايو پيو وڃي ته هڪ سئو 60 ماڻهو زوري کنڀي گم ڪيا ويا آهن. جن جي آزادي لاءِ سنڌ ۾ به تحريڪ اٿي آهي، جنهن جو ون پوائنٽ مطالبو اهو آهي ته کنڀي گم ڪيل سياسي سماجي ڪارڪنن کي آزاد ڪيو وڃي يا مٿن ڪو ڏوهه آهي ته کين عدالتن ۾ آڻي قانون ۽ آئين موجب ڪارروائي ڪئي وڃي.

سڄي ملڪ ۾ سنڌين، بلوچن ۽ پشتونن سميت مهاجرن کي به کنڀي گم ڪيو ويو آهي.  ايم ڪيو ايم جي مبينا عسڪري ونگ سان واسطو رکڻ جي شڪ ۾ڪراچي مان ڪيترن ئي اردو ڳالهائيندڙ گم آهن.

حڪومت پاران جوڙيل ڪميشن جي 31 مئي تي آيل رپورٽ حڪومت پاران جوڙيل ڪميشن وجب2011ع کان  جبري گمشدگين تي جاچ لاءِ جوڙيل ڪميشن هن مهل تائين 5 هزار  هڪ سئو 77 مبينا جبري گمشدگين جا ڪيس وصول ڪيا آهن. جڏهن ته ان معاملي تي ملڪ جي سگهاري ڌر فوج خلاف ملڪ گير احتجاج ۽ الزام به جاري آهن. ڪميشن موجب ڪي پي ڪي بعد سنڌ آهي، ڪميشن چئي ٿي ته 13 سئو 43 ڪيس مان 11 سئو 36 ڪيس حل ڪيا آهن. پر سنڌ ۾ ڪيتريون ئي ڌريون ٻڌائن ٿيون ته سوين ماڻهو گم آهن.

ٻئي پاسي بي بي سي جي تازي رپورٽ موجب ٻن ورهين جي عرصي دوران هن وقت تائين جبري طور گم ڪيل 140 شيعن جا ڪيس داخل آهن، جڏهن ته ڪيترن ئي کنڀي گم ڪيلن جا وارث ڌمڪين ۽ ڊپ سبب ماٺ ڪري ويٺا آهن.  ٻڌايو پيو وڃي ته 140 شيعا ماڻهن جا ڪيس رجسٽرڊ آهن، کنڀجڻ جو سبب زينبيه برگيڊ سان سندن مبينا لاڳاپن جو شڪ ٻڌايو پيو وڃي. اهو به آهي ته برگيڊ شام ۾بشار الاسد جي فوجن سان گڏجي شامي باغين خلاف وڙهي رهي آهي ، جنهن ۾ هڪ هزار پاڪستاني شيعا شامل آهن.  پر هتي ڪجهه سوال آهن ته زينبيه برگيڊ ۽ شيعا جبري طور گم ڪيلن وچ ۾ ڳانڍاپي جي ترديد ڪندي نظر اچن ٿا. دهشتگردي ٽوڙ  واري اداري نيڪٽا زينبيه کي نه ته پابندي مڙهيل تنظيمن جي فهرست ۾ شامل ڪيو آهي ۽ نه ئي وري پاڪستاني اختيارين اڄ ڏينهن تائين ملڪ ۾ ٿيل دهشتگردي جي ڪنهن واقعي ۾ ان برگيڊ يا ان جي ڪنهن ميمبر جي ملوث هجڻ جو الزام لڳايو آهي، ۽ نه ئي وري ان برگيڊ جي ڪنهن ترجمان طرفان شام کان هٽي ڪنهن ٻئي ملڪ ۾ ڪارروائي جي دعويٰ سامهون آئي آهي.

سوال اهو آهي ته سڄي ملڪ ۾ اهڙن واقعن تي ڳڻتي ظاهر ڪرڻ باوجود اهو مسئلو حل ناهي ٿي سگهيو؟ اهي نامعلوم ڪير آهن ۽ کين قانون جي ڪٽهڙي ۾ آڻڻ واريون ڪوششون ڇو ڪو نه ٿيون ڪامياب ٿين؟  جبري گمشدگين وارو معاملو پارليامينٽ، وفاقي ۽ صوبائي حڪومتن، آزاد ۽ خودمختيار هجڻ جون دعويٰ ڪندڙ اعليٰ عدالتن ۽ قانون لاڳو ڪندڙ ادارن سميت ملڪ جي ماڻهن لاءِ وڏو سواليه نشان بڻيل آهي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

صنعتي انقلاب تي وياج خور بينڪاري ۽ سرمائيداري معاشي بالادستي

پريم مٿراڻي آخري حصو: آمريڪي سرزمين تي يورپي قانونسازي وارو سياسي عمل ۽ سرمائيداري آمريڪي …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے