22 ڇنڇر , سيپٽمبر 2018

نيوز: چمبڙ: آزاد اميدوارن خير محمد ۽ مير محمد کوکر پاران چونڊ مهم شروع

Chambar: Independent candidates Khair Mohammad and Mir Muhammad Kokhar started an election campaignچمبڙ ۾ قومي ۽ صوبائي تڪن جي آزاد اميدوارن خير محمد ۽ مير محمد کوکر چونڊ مهم شروع ڪري ڇڏي آهي.

اين 2 سئو 24 ۽ پي ايس 61 تي آزاد اميدوار طور چونڊ وڙهندڙ خير محمد ۽ مير محمد کوکر مخلتف ڳوٺن ۾ چڱن مڙسن ملاقات ڪري اعتماد ۾ ورتو.

پريس ڪلب ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي خير محمد  ۽ مير محمد کوکر چيو ته ڏهن سالن ۾ عوام کي بنيادي سهولتن کان محروم ڪندڙ نمائندا ڪهڙو منهن کڻي تڪن ۾ ايندا.

هنن چيو ته عوام کان پاڻي جهڙي نعمت به کسي وئي آهي، جنهن سبب هو لڏ پلاڻ ڪرڻ تي مجبور بڻيل آهن.

سندن چوڻ هو ته آبادگارن جي حقن تي ڌاڙا هڻڻ وارا تڪ تي ايندا ته کين عوام منهن ٽوڙ جواب ڏيندو…………….

هي به ڏسي سگهو ٿا

نيوز | چمبڙ: عاشوري جي موقعي تي ماتمي جلوس ڪڍيو ويو

چمبڙ ۾  عاشوري جي موقعي تي مرڪزي ماتمي جلوس ڪڍي ڪربلا جي شهيدن کي ڀيٽا …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے