19 اربع , سيپٽمبر 2018

نيوز: مٺي: ٿر جي معصوم ٻارڙن تان موت ٽارو نه ڪيو،وڌيڪ ٽي ٻارڙا فوت

Mithi: Do not kill death from the innocent children of Thar, more than three children diedٿر جي معصوم ٻارڙن تان موت ٽارو نه ڪيو،وڌيڪ ٽي ٻارڙا فوت ٿي ويا آهن.

صحت جون سهولتون اڻلڀ ٿي ويون،ڏڪاري حالتون وڌيڪ خراب ٿي ويون،

 سول اسپتال مٺي ۾ خوراڪ ۽ سهولتن جي کوٽ سبب وڌيڪ ٽي ٻارڙا فوت ٿي ويا،هلندڙ مهيني فوتي ٻارڙن جو انگ وڌي 36  ٿي ويو.

فوتي ٻارڙن ۾ ڇھه مهينن جي لڇمان،پندرهن ڏينهن جو عثمان ۽ هڪ تازي ڄاول ٻارڙي شامل آهن.

ضلعي جي سمورين اسپتالن ۾ صحت جون سهولتون اڻلڀ ٿيڻ سبب ڏڪاري حالتون وڌي ويون.

ڏڪاري حالتن سبب پيئڻ جي پاڻي جي کوٽ وڌڻ ڪري ماڻهو سخت پريشان بڻجي ويا.

هوڏانهن سنڌ حڪومت پاران اعلانيل امدادي ڪڻڪ جي به ورهاست نه ٿي سگهي، جنهن سبب ڏڪار متاثر هزارين خاندان لنگهڻ ڪاٽڻ ٿي مجبور ٿي ويا.

ٻي پاسي ٿر ۾ چارو کٽي وڃڻ سبب 80 لک چوپايو مال بکن ۾ پاھ ٿي ويو آهي…………………….

هي به ڏسي سگهو ٿا

شام ستين وڳي وارو نيوز بليٽن 2018-09-19

*اسلام آباد هاءِ ڪورٽ پاران اڳوڻي وزيراعظم نواز شريف، مريم نواز ۽  صفدر جي سزا …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے