23 آچر , سيپٽمبر 2018

مري مال روڊ تي خانگي هوٽل جي چيڪنگ دوران پنجاب فوڊ اٿارٽي جي ٽيم تي حملو

مري(ويب ڊيسڪ) مري ۾ خانگي هوٽل تي چيڪنگ دوران پنجاب فوڊ اٿارٽي تي هوٽل انتظاميا تي پنهنجا غنڊا ڇڏي ڏنا، ڀڃ ڊاهه سان گڏوگڏ فوڊ اٿارٽي جي عملي کي يرغمال به بڻايو ويو. پنجاب فوڊ اٿارٽي جي موجب راجا اشفاق سرور جي هوٽل کي گدلاڻ سبب سيل ڪيو پئي ويو ته سندس عملي ڀڃ ڊاهه ڪئي. پنجاب فوڊ اٿارٽي جي ترجمان موجب ڊي جي فوڊ اٿارٽي نور الامين مينگل جي سربراهي ۾ چيڪنگ ڪندڙ ٽيم تي حملو ڪيو ويو، جيڪو مال روڊ تي فوڊ پوائنٽس جي چيڪنگ ڪري رهيا هئا. ترجمان موجب حملو ان وقت ڪيو ويو جڏهن ڊي جي فوڊ اٿارٽي هڪ اڳوڻي وزير راجا اشفاق سرور جي هوٽل کي چيڪ ڪري رهيو هو. پنجاب فوڊ اٿارٽي جي موجب راجا اشفاق سرور جي هوٽل کي گدلاڻ تي سيل ڪرڻو هو ته ڀڃ ڊاهه ڪئي وئي ۽ ڊي جي فوڊ اٿارٽي سميت ٽيم جي ٻين ميمبرن کي هوٽل جي اندر يرغمال بڻايو ويو. ترجمان موجب فوڊ اٿارٽي جي ٽيم سان هاٿا پائي به ڪئي وئي. ان حوالي سان راولپنڊي پوليس جي ترجمان جو چوڻ آهي ته ايس ايڇ او مري نفري سان گڏ واقعي واري هنڌ موجود آهي ۽ درخواست وصول ٿيڻ کان پوءِ قانون جي موجب ڪارروائي ڪئي ويندي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

اتر وزيرستان ۾ شهيد جوانن جي جنازي نماز ادا ڪئي وئي

راولپنڊي ( ويب ڊيسڪ ) اتر وزيرستان ۾ شهيد جوانن جي جنازي نماز ادا ڪئي …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے