22 ڇنڇر , سيپٽمبر 2018

خواجا آصف ۽ سندس گهرواري ڪروڙين رپيا جا قرضي نڪتا

سيالڪوٽ(ويب ڊيسڪ) اڳوڻي پرڏيهي وزير خواجا محمد آصف نامزدگي وارن ڪاغذن ۾ پاڻ کي قرضي ظاهر ڪري ڇڏيو. اڳوڻي پرڏيهي وزير خواجا محمد آصف جي اين اي 73 سيالڪوٽ تان نامزدگي وارا ڪاغذ منظور ٿيا آهن. ظاهر ڪيل اثاثن موجب خواجا آصف ۽ سندس گهرواري مسرت آصف ن ليگ جي اڳوڻي اسيمبلي ميمبر جا قرضي نڪتا. ريٽرننگ آفيسرن ( آر او) کي ڏنل اثاثن واري فارم ۾ خواجا آصف ۽ سندس گهرواري ٻڌايو ته هنن اڳوڻي ايم پي اي ارشد وڙائچ کان 4 ڪروڙ 47 لک 20 هزار 360 رپيا اوڌر طور ورتا. خواجا آصف جي استعمال هيٺ فرنيچر ۽ ٻين شين جي قيمت 16 لک 50 هزار آهي ۽ مختلف بينڪن ۾ 3 ڪروڙ 33 لک 15 هزار 524 رپيا آهن، ذاتي ضرورت جي لاءِ هن وٽ 51 لک 97 هزار 88 رپيا آهن. خواجا آصف هڪ مهراڻ ڪار ۽ هائبرڊ ڪار جو مالڪ آهي، سندس سيالڪوٽ ۽ ڊي ايڇ اي لاهور ۾ گهر آهي. مسرت آصف وٽ 90 تولا سون آهي جنهن جي ماليت 9 لک آهي ۽ هن قرض حاصل ڪري 10 جاين تي 1هزار مرلي تي زرعي پلاٽ خريدي رکيا آهن.

هي به ڏسي سگهو ٿا

صدر عارف علوي جي مقتول نينگري امل جي گهر آمد، وارثن سان تعزيت

ڪراچي( ويب ڊيسڪ ) صدر ڊاڪٽر عارف علوي پوليس مقابلي ۾ مارجي ويل 10 ورهين …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے