19 اربع , سيپٽمبر 2018

خيبرپختونخواهه ۾ آفيسرن جي مقررين ۽ بدلين ۾ دوستيون نڀائڻ جو انڪشاف

پشاور(ويب ڊيسڪ) خيبرپختونخواهه جي سينيئر آفيسرن نگران حڪومت ۾ اعليٰ عهدن تي مقرر آفيسرن جي بدلين ۾ دوست ۽ مائٽيون مٽيون نڀائڻ جو الزام لڳايو آهي. تفصيل موجب 25 جولاءِ تي ٿيندڙ عام چونڊن کان اڳ پنجاب ۽ سنڌ ۾ وڏي پيماني تي اعليٰ انتظامي عهدن تي ويٺل آفيسرن جون بدليون ۽ مقرريون ڪيون ويون آهن جيئن چونڊ عمل ۾ اڳوڻي حڪومت جو گهٽ کان گهٽ اثر پوي پر خيبرپختونخواهه جي نگران حڪومت اهڙو ڪو به قدم ناهي کنيو. جنهن جي ڪري صوبي ۾ هن وقت تائين رڳو 3 ڪمشنر ۽ 8 ڊي سيز جون بدليون ٿيون آهن. صحت، تعليم، بلديات ۽ ناڻي جهڙن اهم کان ۾ هاڻ به پي ٽي آءِ حڪومت طرفان مقرر ڪيل سيڪريٽري فائز آهن، ان کان سواءِ پشاور، ڪوهاٽ ۽ مردان سميت ڪيترن ئي ڊويزنن جا ڪمشنر به پنهنجي عهدن تي ويٺل آهن. ان سلسلي ۾ خيبرپختونخواهه جي سينيئر آفيسرن چيف اليڪشن ڪمشنر کي خط لکيو آهي جنهن ۾ نگران حڪومت جي بندوبستن تي ڇتي تنقيد ڪئي وئي آهي، خط جي متن ۾ چيو ويو آهي ته سيڪريٽري اسٽيبلشمينٽ مقررين ۽ بدلين تي نگران وڏي وزير ۽ اليڪشن ڪميشن کي گمراهه ڪيو ۽ بدلين ۾ دوستيون ۽ مائٽيون مٽيون نڀايون ويون، اُهي سمورا آفيسر جيڪي تحريڪ انصاف جي گهڻا ويجها هئا انهن کي عهدن تان ناهي هٽايو ويو.

هي به ڏسي سگهو ٿا

محرم الحرام: مرڪزي جلوسن جي سيڪيورٽي لاءِ ايم اي جناح روڊ سيل

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) محرم الحرام دوران جلوسن جي سيڪيورٽي يقيني بڻائڻ لاءِ ايم اي جناح …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے