19 اربع , سيپٽمبر 2018

کدڙن فقيرن جا قومي سڃاڻپ ڪارڊ بڻجڻ شروع

لاهور(ويب ڊيسڪ) نادرا چيف جسٽس پاڪستان جسٽس ثاقب نثار جي حڪمن کان پوءِ کدڙن فقيرن جا سڃاڻپ ڪارڊ بڻائڻ وارو سلسلو شروع ڪري ڇڏيو آهي. تفصيل موجب کدڙن فقيرن جا سڃاڻپ ڪارڊ بڻائڻ جي لاءِ موبائيل وين فائونٽين هائوس پهچي وئي، کدڙن موبائيل وين مان 30 جون تائين سڃاڻپ ڪارڊ بڻائي سگهن ٿا. فائونٽين هائوس ۾ رجسٽرڊ کدڙن فقيرن جو انگ 750 کان وڌيڪ آهي. ايڊمن فائونٽين هائوس جو چوڻ آهي ته فائونٽين هائوس ۾ کدڙن فقيرن کي طبي سهولتون ڏيڻ جي لاءِ ڪيمپ به لڳائي وئي آهي، جتي کدڙن فقيرن جو مفت معائنو ۽ دوائون جي سهولت ڏني پئي وڃي. ان کان سواءِ فائونٽين هائوس طرفان رجسٽرڊ کدڙن فقيرن کي ماهوار وظيفو به ڏنو ويندو آهي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

محرم الحرام: مرڪزي جلوسن جي سيڪيورٽي لاءِ ايم اي جناح روڊ سيل

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) محرم الحرام دوران جلوسن جي سيڪيورٽي يقيني بڻائڻ لاءِ ايم اي جناح …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے