26 اربع , سيپٽمبر 2018

نامڪمل ۽ ٽمپرنگ ٿيل ڪاغذ جمع ڪرائڻ تي شاهد خاقان عباسي کي نوٽيس

اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) اين اي 57 مري تان شاهد خاقان عباسي جا نامڪمل ۽ ٽمپرنگ ٿيل ڪاغذ منظور ڪرڻ تي ريٽرننگ آفيسر کان اختيار واپس ورتا ويا. تفصيل موجب جسٽس عبادالرحمان لوڌي اين اي 57 مري تان اڳوڻي وزير اعظم شاهد خاقان عباسي جي نامڪمل ۽ ٽيمپرنگ ٿيل ڪاغذ منظور ڪرڻ تي ريٽرننگ آفيسرن جا اختيار واپس ورتا جڏهن ته اڳوڻي وزير اعظم کي نوٽيس جاري ڪندي 25 جون تي طلب ڪري ورتو. جسٽس عبادالرحمان لوڌي پنهنجي ريمارڪس ۾ چيو ته اڳوڻي وزير اعظم شاهد خاقان عباسي 25 جون تي پاڻ يا وڪيل ذريعي پيش ٿئي، جيڪڏهن نامڪمل ۽ ٽمپرنگ وارا منظور ٿيا ته شفاف چونڊون ڪيئن ٿيون ٿي سگهن، ريٽرننگ آفيسر ٻڌائي توهان ڪيئن شفاف چونڊون ڪرائيندا، حقيقت ۾ ڪاغذن جي منظوري غير قانوني آهي. ٻئي پاسي اين اي 67 جهلم تي به تحريڪ انصاف جي ترجمان فواد چوڌري کي به 25 جون تي طلب ڪيو ويو آهي. فواد چوڌري جي  چونڊ عذرداري جي درخواس خارج ڪرڻ جي درخواست رد ڪئي وئي آهي جڏهن ته چيلينج ٿيڻ ڪاغذن کي سوموٽو ۾ تبديل ڪيو ويو آهيئ

هي به ڏسي سگهو ٿا

The Imran Khan will continue to announce the name of the nation today

وزيراعظم عمران خان اڄ شام قوم جي نالي پيغام جاري ڪندو

اسلام آباد ( ويب ڊيسڪ ) وزيراعظم عمران خان اڄ سام قومي جي نالي پيغام …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے