20 خميس , سيپٽمبر 2018

عام چونڊون: اليڪشن ڪميشن جو سمورن اميدوارن کي سيڪيورٽي ڏيڻ جو حڪم

اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) اليڪشن ڪميشن چونڊن ۾ حصو وٺندڙ سمورن اميدوارن کي سيڪيورٽي ڏيڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو آهي. ذريعن موجب اليڪشن ڪميشن ان حوالي سان صوبائي حڪومتن کي هڪ خط تحرير ڪيو آهي جنهن ۾ اميدوارن کي سيڪيورٽي فراهم ڪرڻ جا حڪم ڏنا ويا آهن. ذريعن جو چوڻ آهي ته اليڪشن ڪميشن طرفان اميدوارن کي سيڪيورٽي ڏيڻ جي لاءِ حڪم چيف سيڪريٽريز ڏانهن موڪليا آهن. خط ۾ چيو ويو آهي ته چار ئي حڪومتون اميدوارن کي سيڪيورٽي ڏين ۽ پارٽين جي سربراهن کي به سيڪيورٽي ڏني وڃي. اليڪشن ڪميشن صوبائي حڪومتن کي ملڪ جي انتهائي حساس پولنگ اسٽيشنن تي جلد سي سي ٽي وي ڪيميرا لڳائڻ جو به حڪم ڏئي ڇڏيو آهي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

اهو تاثر درست ناهي ته ججن دٻاءَ ۾ فيصلو ٻڌايو: اعتزاز احسن

لاهور (ويب ڊيسڪ) پيپلز پارٽي جي سينيئر قانونداد اعتزاز احسن چيو آهي اهو تاثر نٿو …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے