22 آچر , جولاءِ 2018

قديم چيني مقبري مان نئين قسم جي لنگور جا ڏند هٿ

بيجنگ(ويب ڊيسڪ) سائنسدانن  انڪشاف ڪيو آهي ته   چين  جي شاهي  خاندان  جي قديم مقبري مان دريافت  ٿيندڙ ڀولي جا ڏند  دراصل ناپيد  ٿيندڙ گوريلا جو هڪ نسل جا  آهن. اهو نسل ان کان اڳ  ڪڏهن دريافت ناهن ٿيا . عالمي خابرو اداري  موجب وچ چين  جي صوبي  سان شي ۾ قائم 2 هزار 3 سئو سال  پراڻي مقبري  جي کوٽائي دوران  لنگور  جا ڏند  ۽ ٻين جانورن جون هڏيون  دريافت  ٿيون آهن .  لنگور  جي ڏندن  جي فرانزڪ  ٽيسٽ  ڪئي وئي  جڏهن  ته خاص  ٽيسٽ  ذريعي  ڊي اين اي سيمپل  به ورتو ويو  جنهن مان انڪشاف  ٿيو آهي ته اهو  ڏند  لنگور ۽ گوريلا  جي نئين قسم  جون آهن جيڪو ان کان اڳ ڪڏهن  دريافت ناهي ٿيو .  زولوجيڪل  سوسائٽي آف لنڊن  لنگور جي هن قسم  کي جونزي  امپريشلس  جو نالو ڏنو آهي .  جيڪو انسانن کي  سڌو سنئون  شڪار  بڻجي ويو .  ڀولي  جو اهو قسم  به  بغير پڇ  واري بندر  جي  قسم مان هڪ آهي  جيڪو انسانن هٿان ناپيد  ٿي ويون ،  انسان پنهنجي ئي هٿان پنهنجي ماحول  کي خراب ڪري رهيو آهي جيڪو  پاڻ ان جي تباهي جو سبب بڻجندو . ڀولو   ۽ گوريلا  جي هن قسم جا ڏند  ۽ هڏي  جي باري ۾ خايل ظاهر ڪيو ويو  آهي ته اهو جانور  چين جي قديم  شاهي  خاندان جو پالتو لنگور هوندو ، ڇاڪاڻ ته  چين ۾ گوريلا ۽ لنگور کي خاص اهميت حاصل هوندي آهي .

هي به ڏسي سگهو ٿا

انسٽاگرام جي نئين فيچر ايپليڪيشن کي ڌَڪ ڏئي ڇڏيو

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) پڪچر شيئرنگ ايپليڪيشن انسٽاگرام تي هڪ نئون فيچر سامهون آيو آهي، جنهن …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے