18 اربع , جولاءِ 2018

نيوز: نوابشاهه: جسقم وائيس چيئرمين سرور خشڪ جي گرفتاري خلاف احتجاج

Nawabshah: Protest against the arrest of JSQM Chairman Sarwar Khushik* نوابشاهه ۾جسقم پاران وائيس چيئرمين سرور خشڪ جي گرفتاري خلاف احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو.

پريس ڪلب آڏو علي رضا، هدايت الله ۽ نور سولنگي سميت ٻين جسقم جي وائيس چيئرمين سرور خشڪ جي گرفتاري ۽ جسقم جا ڪارڪن سڏائي استعيفيٰ ڏيندڙن خلاف احتجاج ڪيو.

ميڊيا سان ڳالهائيندي اڳواڻن چيو ته جسقم بشير خان جي وائيس چيئرمين سرور خشڪ جي گهر تي رات وقت چڙهائي ڪري کيس گرفتار ڪيو ويو آهي.

هنن چيو ته جسقم جي وائيس چيئرمين جي گهر جي چار ديواري جو تقدس پائمال ڪرڻ ۽ سندس گرفتاري جي هو سخت مذمت ڪن ٿا.

سندن چوڻ هو ته پريس ڪلب ۾ جسقم جا ڪارڪن سڏائي استعيفيٰ ڏيندڙن سان جسقم جو ڪو به واسطو ناهي، اها جسقم خلاف سازش آهي.

اڳواڻن اعليٰ اختيارين کان مطالبو ڪيو ته ڊاڪٽر سرور خشڪ کي آزاد ڪن، نه ته هو احتجاجي دائرو وڌائيندا…

هي به ڏسي سگهو ٿا

Mediator: Jahan, woman and good husband died in two sentences, the latest interview

نيوز:مديجي: ٻن ڌرين ۾ جيهڙو، عورت ۽ چڱو مڙس مارجي ويا،نينگري مرڻينگ

مديجي ڀرسان پنهور ۽ بروهي برادري جي ٻن ڌرين ۾ پراڻي تڪرار تان جيهڙي سبب …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے