21 جمعو , سيپٽمبر 2018

ستن مسلم ملڪن طرفان گڏيل قومن ۾ عيد جو آجياڻو

نيويارڪ ( ويب ڊيسڪ ) گڏيل قومن جي هيڊ آفيس ۾ ستن مسلمان ملڪن طرفان عيد جو آجياڻو ڏنو ويو جنهن ۾ پاڪستان جي سفير مليحا لوڌي، گڏيل قومن جي سيڪريٽري جنرل ۽ ڪيترن ئي ملڪن جي سفيرن شرڪت ڪئي. آجياڻي جو انتظام گڏيل قومن ۾ مسلمان ملڪن جي مستقل نمائندگي ڪندڙ عورتن طرفان ڪيو ويو جنهن ۾ البانيه، اردن، ڪرغستان، لبنان، پاڪستان، قطر ۽ ترڪمانستان شامل آهن. گڏيل قومن جي سيڪريٽري جنرل انتونيو گوتيرس تقريب کي خطاب دوران عيد جون واڌايون پيش ڪيون ۽ چيو ته اسلام ڳالهين، سماجي انصاف ۽ امن کي هٿي ڏئي ٿو. ڊاڪٽر مليحا لوڌي پنهنجي تقرير ۾ دنيا کي نفرت ۽ انتهاپسندي کان بچائڻ لاءِ گڏجي ڪم ڪرڻ تي زور ڀريندي چي ته پاڪستان امن قائم ڪرڻ لاءِ پنهنجو ڪردار ادا ڪيو آهي ۽ مستقبل ۾ به ڪندو رهندو. تقريب ۾ عورت سفارتڪارن ۽ ٻين مهمانن کي عيد جي حوالي سان چوڙين ۽ پرفيوم جا تحفا پيش ڪيا ويا. پاڪستاني گلوڪاره زيب بنگش فارسي، اردو، ترڪي ۽ دري ٻولين ۾ ڳائي داد حاصل ڪيو. تقريب جي پڄاڻي تي پاڪستان سميت ٻين ستن ملڪن جا روايتي کاڌا پيش ڪيا ويا، سڀ کان وڌيڪ پيهه پاڪستان جي کاڌن جي سيڪشن تي رهي، سيڪريٽري جنرل به پاڪستاني ڪباب کاڌا.

هي به ڏسي سگهو ٿا

والاريل ڪشمير ۾ عاشور تي  ڪرفيو، ڪيترائي حريت اڳواڻ نظر بند

سرينگر ( ويب ڊيسڪ ) ڀارتي قابض فوج سرينگر  ۽ ٻين ضلعن ۾ ڪرفيو لاڳو …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے