18 اربع , جولاءِ 2018

عافيه صديقي جي آزادي بابت درخواست ٻڌڻي لاءِ مقرر

اسلام آباد ( ويب ڊيسڪ ) سپريم ڪورٽ ايندڙ هفتي ٻڌڻي لاءِ مقرر ڪيل ڪيسن جي لسٽ جاري ڪري ڇڏي جنهن ۾ ڊاڪٽر عافيه صديقي جي آزادي بابت درخواست به شامل آهي. چيف جسٽس ثاقب نثار ايندڙ هفتي لاءِ بئنچ جوڙي ڇڏيون آهن. اسلام آباد، ڪراچي ۽ لاهور ۾ ٻه ٻه بئنچون مختلف ڪيسن جي ٻڌڻيون ڪنديون. اسلام آباد ۾ بئنچ نمبر هڪ ۾ چيف جسٽس ميان ثاقب نثار، جسٽس فيصل عرب ۽ جسٽس منيب اختر شامل آهي ۽ بئنچ ۾ جسٽس آصف سعيد کوسا، جسٽس اعجاز الحسن ۽ جسٽس منصور علي شامل آهي.  سپريم ڪورٽ طرفان جاري ڪيل لسٽ موجب ايندڙ هفتي اليڪشن ايڪٽ 2017ع بابت درخواستن جي ٻڌڻي ٿيندي. رينٽل پاور بحالي ڪيس ۽ سنڌ ۾ مڪاني ادارن کي اختيارن جي منتقلي بابت درخواستن جي ٻڌڻي پڻ ايندڙ هفتي مقرر ڪئي وئي آهي. سپريم ڪورٽ طرفان جاري ڪيل لسٽ موجب اسلام آباد ۾ غير قانوني شادي هال  ۽ پاڻي جي کوٽ بابت پاڻمرادو نوٽيس ڪيسن جي ٻه ٻڌڻي ٿيندي.  اڳوڻي ناڻي واري وزير اسحاق ڊار جي سينيٽ ميمبرشپ تان نااهلي ڪيس، ميمو ڪميسن ڪيس ۽ قرض معافي ڪيس به ايندڙ هفتي ٻڌڻي لاءِ مقرر ڪيا ويا آهن.

هي به ڏسي سگهو ٿا

Nawaz Sharif's Jail Trailer: The prospect of reviewing the decision by the supervisory government

نواز شريف جو جيل ٽرائل: نگران حڪومت طرفان فيصلي تي نظرثاني جو امڪان

اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) اڳوڻي وزيراعظم نواز شريف خلاف العزيزيه ۽ فيلگ شپ ريفرنس جي اڊيالا …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے