21 جمعو , سيپٽمبر 2018

نيوز: ڪوٽڙي:  ٻولھاڙي ۾ پاڻي  کوٽ  خلاف  احتجاجي ريلي، ترت پاڻي فراهم ڪرڻ جو مطالبو

Kotiri: Rally against water shortage in Bolhari, demands immediate water supply*ڪوٽڙي ويجهو  ٻولھاڙي ۾ پاڻي  کوٽ  خلاف  احتجاجي مظاهرو ڪري ريلي ڪڍي وئي.

ٻولھاڙي اتحاد پاران صدر رستم چانڊيو،  يوسف سارنگ،  اشفاق دل،  عمران چانڊئي ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾  ٻٻر اسٽاپ کان ريلي ڪڍي 5 ڪلوميٽر پيادل مارچ ڪري ڊپٽي ڪمشنر جي آفيس آڏو 2 ڪلاڪ ڌرڻو هنيو.

ان موقعي تي اڳواڻن ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو تھ  گذريل 20 سالن کان ٻولهاڙي جي مختلف علائقن ٻٻر چوڪ،  خورشيد ڪالوني، ڀٽائي ڪالوني،  عيسي’ دل ڳوٺ،  پوپٽ خاصخيلي ڳوٺ، مسڪين ڪالوني ۽ ٻين علائقن ۾ پاڻي فراهمي بند آهي.

هنن چيو ته هر اليڪشن ۾ پاڻي ڏيڻ جا واعدا ڪري ووٽ ورتا ويا پر ان باوجود ساڳين چونڊيل نمائندن پاڻي ڏيڻ بدران ٽينڪرن تي ڀتا مقرر ڪري ملھه جو پاڻي وٺڻ تي مجبور ڪيو.

هنن اعلان ڪيو ته  ايندڙ سومر کان پاڻي بحران خلاف ڊي سي آفيس آڏو لڳاتار احتجاجي ڪئمپون لڳايون وينديون

هي به ڏسي سگهو ٿا

Buhara: Tribute to Martyrs of Karbala

نيوز: ٻهارا: 10 محرم تي به شهر جو صحت مرڪز بند

*ٻھارا  ۾  عاشور جي ڏهاڙي تي  اسپتالن ۾ ايمرجنسي لاڳو هجڻ باوجود بنيادي صحت  مرڪز …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے