16 سومر , جولاءِ 2018

پاڻمرادي نوٽيسن جو مقصد مسئلن تي ڌيان ڇڪائڻ هوندو آهي: چيف جسٽس

لاڙڪاڻو ( ويب ڊيسڪ ) چيف جسٽس ثاقب نثار چيو آهي ته پاڻمرادو نوٽيس جو واحد مقصد مسئلن طرفن ڌيان ڇڪائڻ هوندو آهي، عدالتي ۾ جيتريون درخواستون اچي رهيون آهن اهي انتظامي ناڪامي سبب آهن. لاڙڪاڻي ۾ هاءِ ڪورٽ بار جي تقريب کي خطاب ڪندي چيف جسٽس ثاقب نثار چيو ته اسان ڪي محتاج ماڻهو نه آهيون جو حقن جي تحفظ لاءِ ڪو نه ٿو کڙو ٿي ته عدليه به خاموش رهي. هن چيو ته جوڊيشل سسٽم جو مقصد انصاف ڏيڻ هوندو آهي ايئن ناهي ته عدليه مسئلن تي خاموش رهي، پاڻمرادو نوٽيسن جو واحد مقصد ڌيان ڏيارڻ هوندو آهي. سندس چوڻ هو ته  سنڌ جي ماڻهن جو مستقبل ۾ سٺي صحت کان محروم ٿيڻ جو خدشو آهي، اسپتالن ۾ اوزارن، دوائن ۽ ورڪ فورس جي معاملي تي ڌيان ڏيڻ جي ضرورت آهي. چيف جسٽس ثاقب نثار چيو ته اڄ عدليه تي جيڪو بار گڏ ٿيو آهي تنهن ۾ ڪنهن سياسي پارٽي کي نشانو نه پيو بڻايان، عدالت ۾ جيتريون به درخواستون اچي رهيون آهن اهي انتظامي ناڪامي جو سبب آهي. هن چيو ته تعليم کانسواءِ ڪو به ملڪ ترقي نه ٿو ڪري سگهي. سندس چوڻ هو ته سنڌ جي عوام کي صحت جون سهولتون ملندي نظر نه اچي رهيون آهن. چيف جسٽس ثاقب نثار چيو ته بنيادي انساني حقن جي حفاظت ڪرڻ اسان جي ذميواري آهي، هر نوٽيس جو مقصد عوام کي ڄاڻ ڏيڻ هوندي آهي. هن چيو ته پاڻي جو ايندڙ بحران اسان سنڀالي نه سگهنداسين، ايندڙ نسل کي بچائڻو آهي. سندس چوڻ هو ته جسٽس امير هاني مسلم جي پاڻي ڪميشن جي رپورٽ تي عمل نه ٿيڻ خراب خبر هوندي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

عوام جي موٽ ڏسي مخالفن جون ننڊون حرام آهن، ايندڙ حڪومت پ پ ٺاهيندي: سردار شاهه

عمرڪوٽ (ويب ڊيسڪ) اڳوڻي صوبائي وزير ۽ پي ايس51 تان پ پ اميدوار سيد سردار …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے