20 خميس , سيپٽمبر 2018

ڀارتي هاءِ ڪمشنر ۽ سندس گهر واري کي گوردواري پنجاب صاحب ۾ داخل ٿيڻ کان روڪيو ويو

لاهور ( ويب ڊيسڪ ) ڀارتي هاءِ ڪمشنر ۽ سندس گهر واريءَ کي پنجاب صاحب گوردواري ۾ ٿيڻ کان روڪيو ويو آهي. ڀارت ۾ سک مذهب جي باني گرو نانڪ ديو تي ٺهندڙ تڪراري فلم ۽ خالصتان تحريڪ خلاف ڀارتي سپريم ڪورٽ جي سخت فيصلي سبب سکن ڀارتي هاءِ ڪمشنر ۽ سندس گهر واري کي پنجه صاحب گوردواري حسن ابدال ۾ داخل ٿيڻ کان روڪي ڇڏيو آهي. متروڪه وقف املاڪ بورڊ جي اختيارين کي خدشو هو ته مڇريل سک ڪٿي ڀارتي هاءِ ڪمشنر ۽ سندس گهر واري کان بدتميزي نه ڪن تنهن ڪري کين واپس وڃڻ جي درخواست ڪئي وئي. ڀارتي سک گوردواري تي بنڌڪ ڪميٽي ۽ متروڪه وقف املاڪ بورڊ اختيارين واقعي جي تصديق ڪندي چيو ته پاڪستان ۾ مقرر ڀارتي هاءِ ڪمشنر اجي بساريا پنهنجي گهر واري سميت گوردواري پنجاب صاحب حسن ابدال جو دورو ڪرڻ چاهيو ۽ ڀارت مان آيل سک يادترين سان ملاقات ڪرڻ چاهي پر ٻين ملڪن کان آيل سک ياترين احتجاج ڪرڻ جو فيصلو ڪيو. سٺي دنيا جا سک پنهنجي مذهبي پيشوا گرو نانڪ ديو تي تڪراري فلم ٺهڻ ۽ خالصتان تحريڪ جي سکن کي منهن ڏيڻ لاءِ ڀارتي سپريم ڪورٽ جي فيصلي تي ڪاوڙ جو اظهار ڪري رهيا آهن.

هي به ڏسي سگهو ٿا

ڀارت سشما سوراج ۽ شاهه محمود قريشي جي ملاقات تي راضپو ڏيکاري ڇڏيو

نئين دهلي (ويب ڊيسڪ) وزيراعظم عمران خان جي خط جو جواب ڏيندي ڀارت گڏيل قومن …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے